Thursday , April 18 2024

”سنڌ ۾ پ پ 100 سيڪڙو ڪامياب ٿيندي ۽ ڪراچي ۾ سرپرائيز ڏينداسين“: منظور وساڻ

ڪراچي (اصغر آزاد   سنڌسماءَچار)  سينئر پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته، ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي سنڌ مان سئو سيڪڙو ڪاميابي ماڻيندي ڪراچي ۾ پ پ سرپرائيز ڏيندي. منظور وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيومآهي ته، ”ايندڙ چونڊون بلڪل مختلف هونديون ۽ مختلف ڏينهن هوندا ۽ مختلف چونڊ هوندي. هن چيو ته، هن ڀيري منهن خيال ۾ هي چونڊون ته پ پ سنڌ مان سئو سيڪڙو کٽندي/ڪاميابي ماڻيندي؛ ڪراچي ۾ پ پ سرپرائيز ڏيندي“. منظور وساڻ جي اها ويڊيو به موجود آهي جنهن ۾ هُو اها ڳالهه ڪري رهيو آهي.

منظور وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو آهي ته، اپريل جو مهينو انتهائي اهم آهي ۽ ان ۾ اهم فيصلا ٿيڻ وارا آهن. نگران سيٽ اپ بابت منظور وساڻ چيو ته، نگران  وزير اعظم اهڙو شخص ٿيندو جيڪو غير معروف (گهڻو مشهور/ ڄاتل سڃاتل ) شخصيت نه هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *