Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ پ پ کي مليل مينڊيٽ جي ڏند ڪٿا..!! – سهيل ميمڻ

 سهيل ميمڻsuhail

سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي مليل مينڊيٽ جي حقيقت جي حوالي سان سومر ڏينهن شايع ٿيل مضمون ۾ ڪجهه تڪن جو جائزو ورتو هئوسين. جن ۾ شڪارپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، سکر، نوشهرو فيروز ۽ نوابشاهه شامل هئا. گذريل مضمون ۾ جيڪي تڪ جائزي کان رهجي ويا هئا، انهن جو اڄوڪي هن مضمون ۾ جائزو وٺون ٿا، جنهن مان اندازو لڳائي سگهبو ته سنڌ ۾ اڪثريتي ووٽ کڻڻ جي دعويدار پارٽي جي مينڊيٽ جي لحاظ کان ڇا پوزيشن آهي.

اين اي 215 خيرپور ون: نواب وساڻ پ پ پاران 91809 ووٽن سان کٽيو. اتي پ پ جي سامهون وارن پهرين پنج اميدواران جا ووٽ 75700 رهيا، جن ۾ غوث علي شاهه جا 66 هزار 500 ووٽ به شامل آهن.

اين اي 215 خيرپور ٽو: هِتي پيپلز پارٽي جي ساجد ٻانڀڻ هارايو. ان جا ووٽ 76941 رهيا. فنڪشنل ليگ جي پير صدرالدين شاهه کي 86982 ووٽن سان ڪاميابي ملي. اين اي 216 خيرپور ٿري: مسلم ليگ فنڪشنل جو ڪاظم شاهه 75862 ووٽ کڻي کٽيو. پ پ جي جاويد شاهه جيلاني 71915 ووٽ کڻي هارايو.

اين اي 2018 حيدرآباد: هِتي مخدوم امين فهيم 95724 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي. فنڪشنل جي عبدالرزاق 72423 ووٽ سندس مخالفت ۾ کنيا. پ پ جي سامهون اليڪشن وڙهندڙن ٽن ٻين اميدوارن جا ووٽ پڻ 8 هزار کن آهن. معني انهيءَ تڪ تي 80 هزار کن ووٽ پ پ جي سامهون وارن کي مليا. اين اي 219 ۽ اين اي 220 حيدرآباد وارا تڪ ايم ڪيو ايم واضح اڪثريت سان کٽيا. اين اي 221 حيدرآباد: پ پ جو امير علي شاهه ڄاموٽ 59821 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. هِتي به پ پ سامهون بيٺلن جا ڪل ووٽ 53 هزار جي لڳ ڀڳ هئا.

اين اي 222 ٽنڊو محمد خان: پ پ جي نويد قمر جي اڪثريت واضح رهي. هن هڪ لک 95 ووٽ کنيا. مخالفت ۾ ٻين جا ووٽ 45 هزار رهيا. اين اي 223 ٽنڊوالهيار: پ پ جي ستار بچاڻي 91956 ووٽ کڻي کٽيو. پ پ سامهون بيٺلن جا 89 هزار کن ووٽ آهن. معنيٰ فقط ٻن هزارن جو فرق- ان ۾ مسلم ليگ جي راحيلا مگسي جا 68 هزار 116 ووٽ آهن.

اين اي 224 بدين: هِتي پ پ جي ڪمال چانگ 128723 ووٽ کڻي واضح طور کٽيو. سندس مخالف فنڪشنل جي اميدوار اصغر هاليپوٽو 56 هزار 36 ووٽ کنيا. 10 هزار ووٽ ٻين به ان تڪ تي کنيا. اين اي 225 بدين: هِتي پ پ جي فهميده مرزا 110738 ووٽ کڻي واضح طور کٽيو. سندس مخالف فنڪشنل جي اميدوار ياسمين شاهه 65 هزار 258 ووٽ کنيا.

PPP election graph

اين اي 226 ميرپور خاص: پ پ جو شفقت شاهه جيلاني 82 هزار 17 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ان تڪ تي فنڪشنل ليگ جي قربان شاهه 47450 ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوار 34687 ووٽ کنيا. ٻنهي جو ٽوٽل پ پ جي کٽيل اميدوار کان وڌيڪ آهي. ان تڪ تي پ پ مخالف پهرين چئن اميدوارن جا ووٽ 99 هزار کان مٿي آهن. اين اي 227 ميرپور خاص: هِن تڪ تي مير منور ٽالپر هڪ لک 13218 ووٽ کڻي واضح اڪثريت سان کٽيو. سندس ٻئين ۽ ٽين نمبر مخالف گڏيل طور 41 هزار ووٽ کنيا.

اين اي 228 ميرپور خاص: پ پ جو نواب يوسف ٽالپر 99 هزار 700 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. اتي سندس پهرين چئن مخالفن جا ووٽ 94 هزار 895 بيٺا. جن ۾ پي ٽي آءِ جي شاهه محمود جا 86 هزار 134 ووٽ رهيا. اين اي 229 ٿرپارڪر: پ پ جي شير محمد بلالاڻي 88 هزار 218 ووٽ کڻي کٽيو. سندس مخالفن جا ووٽ 89 هزار 214 بيٺا. جن ۾ آزاد اميدوار ارباب توڳاچي جا 86 هزار 97 ووٽ هئا. پهرين پنج اميدوارن جا ووٽ اتي به پ پ اميدوار کان وڌيڪ يعني 89 هزار 214 آهن.

اين اي 230 ٿرپارڪر: پ پ جي نور محمد شاهه جيلاني 61 هزار 903 ووٽ کڻي کٽيو. سندس پهرين ٻن مخالفن جا ئي گڏيل ووٽ ان کان وڌيڪ آهن. پي ٽي آءِ جي شاهه محمود 59 هزار 852 ووٽ کنيا ۽ آزاد اميدوار 4815 ووٽ کنيا. جن جو ٽوٽل 64 هزار 667 ٿئي ٿو، جيڪو انگ پ پ جي کٽيل اميدوار کان وڌيڪ آهي. اين اي 231 دادو: هِن تڪ تي پ پ جو ملڪ اسد هڪ لک 29500 ووٽ کڻي واضح اڪثريت سان کٽيو. سندس مخالف جلال محمود شاهه 58 هزار ووٽ کنيا.

اين اي 232  دادو: هِن تڪ تي پ پ جي رفيق جمالي 76 هزار 887 ووٽ کنيا. سندس پهرين پنج مخالفن جا ووٽ ان کٽيندڙ اميدوار کان وڌيڪ آهن، جن جو ٽوٽل 77 هزار 187 ووٽ ٿئي ٿو. انهن ۾ آزاد اميدوار ڪريم ڏنو جتوئي 56 هزار 838 ووٽ کنيا. اين اي 233 دادو: پ پ جو عمران لغاري واضح طور ڪامياب ٿيو. سندس ووٽ هڪ لک 292 رهيا. مخالف اميدوار لياقت جتوئي 65 هزار ووٽ کنيا.

اين اي 234 سانگهڙ: هتي فنڪشنل ليگ جي پير بخش جوڻيجو 90787 ووٽ کڻي کٽيو. پ پ جي فدا ڏيرو 65916 ووٽ کنيا. اين اي 235 سانگهڙ: هتي صدرالدين شاهه 74 هزار 62 ووٽ کڻي کٽيو. پ پ جي شازيه مري 62231 ووٽ کنيا.  بعد ۾ صدرالدين شاهه خيرپور واري سيٽ پاڻ وٽ رکي هن تڪ جي سيٽ ڇڏي ته اتي وچ مدي واري چونڊ دوران شازيه مري ڪامياب ٿي.

اين اي 236 سانگهڙ: پ پ جي روشن جوڻيجو هڪ لک 906 ووٽ کڻي کٽيو، پر اتي به سندس پهرين ٽن مخالفن جا ووٽ 97 هزار کان مٿي رهيا. اين اي 237 ٺٽو: پ پ جي صادق ميمڻ 86 هزار 784 ووٽ کڻي کٽيو، پر سندس پهرين ٻن مخالفن جا گڏيل ووٽ هڪ لک 6 هزار کان مٿي آهن. جن ۾ رياض شاهه شيرازي جا 83 هزار ووٽ ۽ ماروي ميمڻ جا 23 هزار 598 ووٽ هئا. اين اي 238 ٺٽو: هتي پ پ هارايو ۽ اياز شاهه شيرازي 88 هزار کان مٿي ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. پ پ جي رميز ميمڻ 79 هزار 181 ووٽ کنيا.

PPP vote

سنڌ جي 2013ع جي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي سيٽن جي جائزي مان ڄاڻ ملي ٿي ته ڪراچي جي 20 سيٽن کان علاوه باقي سنڌ جي 41 سيٽن مان پيپلز پارٽي 32 سيٽون کٽيون ۽ 9 هارايون. انهن کٽيل 32 سيٽن مان صرف 12 سيٽن تي کين واضح برتري يا 20 هزار ووٽن کان وڌيڪ جي ليڊ آهي. باقي 20 تڪن تي مشڪل سان کٽيا آهن. ڪيترن تڪن تي ٻئين ۽ ٽئين نمبر اميدوارن جا گڏيل ووٽ کٽيندڙ پ پ اميدوار کان وڌيڪ آهن. جيڪڏهن مينڊيٽ سيٽ کٽڻ جو نالو آهي ته پوءِ ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 2013ع جي چونڊن ۾ کٽيو، پر جيڪڏهن مينڊيٽ ووٽ جو نالو آهي ته پو پيپلز پارٽي سنڌ ۾ قومي اسيمبليءَ جي ڪراچي کان ٻاهر وارين 41 سيٽن تي مجموعي طور 31 لک 90 هزار 825 ووٽ کنيا آهن ۽ سندس مخالف اميدوارن جا مجموعي ووٽ 32 لک 7 هزار 534 آهن. پيپلز پارٽي جي ان فتح ۾ گذريل حڪومت ۾ اقتدار ۾ رهڻ توڙي سنڌ جي نگران حڪومت پاڻ ٺاهڻ واريون سهولتون به شامل آهن. اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ جنهن طرح اليڪشن کٽي هئي، اها ڳالهه ٻين پارٽين ۽ عوام کان شايد وسري وئي هجي، پر زرداري کي ياد آهي ۽ کيس اندازو آهي ته هن ڀيري ته سنڌ ۾ سندس پارٽي خلاف شديد ڪاوڙ به موجود آهي. مبينا طور بي انتها ڪرپشن، عوام کي گٽرن جو پاڻي پيارڻ، اسپتالن ۽ علاج جا پيسا به کائي وڃڻ، روڊن رستن جي تباهي، ٿر ۾ ٻارڙن جو بک ۾ مرڻ، لاڙڪاڻي پيڪج جا اربين رپيا مبينا طور هضم ڪري شهر کي کنڊر بنائڻ جهڙا معاملا 2018ع جي اليڪشن ۾ سامهون ايندا. ان لاءِ هن اڳواٽ تياري ڪري هر وڏيري کي پارٽي ۾ شامل ڪري رهيو آهي

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *