Thursday , April 18 2024

سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو معيار چڪاسڻ واريون ليبارٽريون فعال بڻايو:سپريم ڪورٽ

 water_test 3

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي فراهم نه ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي جو معيار چڪاسڻ لاءِ سموريون ليبارٽريون هڪ مهيني اندر فعال بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڪميشن جي رپورٽ جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. سپريم ڪورٽ  لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو ته واٽر بورڊ ۾ 13 هزار ملازم پنهنجا بنيادي فرض ادا نه ٿا ڪن. شهرين جي ٽيڪس مان فلٽر پلانٽ ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويا آهن پر اهي بند پيل آهن، نتيجي ۾ شهرين کي گندو پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، سيوريج ۽ صنعتي ادارن مان نڪرندڙ پاڻي صاف ڪرڻ بنا سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو پڻ چيو آهي ته گندو پاڻي صاف ڪرڻ بنا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائي شهرين کي سزا ڏني پئي وڃي. گندي پاڻي جي ڪري ڪراچي جو ساحل تباهه ٿي رهيو آهي.

water_test 2water_test 1

واٽر بورڊ ۽ ٻيا ادارا گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ لڳايل ٽريٽمينٽ پلانٽ کي فنڪشنل بڻائڻ لاءِ ذميوار آهن، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي جو معيار چڪاسڻ لاءِ سموريون ليبارٽريون هڪ مهيني اندر فعال بڻايون وڃن، عدالت واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي کان محمود آباد واري ٽريٽمينٽ پلانٽ جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ مختلف اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري ۽ صنعتي ادارن مان نڪرندڙ گند ڪچري تي خدشن جو اظهار ڪندي ماحوليات جي تحفظ واري اداري، صحت، ايم ڊي سائيٽ ۽ ٻين ادارن کان 13 مارچ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

قانون واري کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرر آفيسر هٽايا وڃن: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل فل بئنچ سنڌ جي قانون واري کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرر ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ڪنسلٽنٽ کي فوري طور فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل سمورن ملازمن جا تفصيل خميس ڏينهن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڪانٽريڪٽ تي ملازمن جي ڀرتين خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ هڪ مهيني اندر قانون واري کاتي ۾ ڪانٽريڪٽي ملازمن جي جاءِ تي ريگيولر ملازم ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت رمارڪس ڏيندي اهو پڻ چيو ته قانون واري کاتي ۾ اهڙن ملازمن کي مقرر ڪيو ويندو آهي، جن کي ڪجهه به نه ايندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *