Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز ايل اين جي تي نه هلائينداسين: ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي

zulifqar yousufani

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز جي مالڪن پاران ايل اين جي استعمال ڪرڻ کان کتو جواب ڏيندي چيو آهي ته، آئين موجب سڀ کان پهريان گئس سنڌ کي مهيا ڪري ڏني وڃي، ايل اين جي اسان استعمال نه ڪنداسين.

سي اين جي ايسوسيئيشن سنڌ جي اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته، هُو ڪنهن به صورت ۾ ايل اين جي استعمال نه ڪندا جيڪڏهن ايل اين جي زبردستي هلائڻ جو فيصلو مڙهيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

سکر ۾ سنڌ سي اين جي ايسوسئيشن جو اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفائي  جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ عمال نه ڪندا، جيڪڏهن اهڙو فيصلو مٿن مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ايل اين جي جي سپلاءِ کي نامنظور ڪندي چيو ويو ته وفاق کي پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي.

ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ 72 سيڪڙو قدرتي گئس پيدا ڪري ٿي، جڏهن ته استعمال صرف 32 سيڪڙو آهي.

هنن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت  جنهن صوبي مان گئس نڪري ٿي، پهريان اُن صوبي جو ان تي حق آهي، تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ ايل اين جي، جي فراهمي منظور نه ڪئي ويندي.

هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ايل اين جي، جي فراهمي لاءِ زور ڀريو ته سي اين جي ايسوسئيشن پاران ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *