Thursday , April 25 2024

سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، 25 اپريل تائين واهن جي هفتيوار وارا بندي جو فيصلو

water shrotg 1

ارسا پاڻي جو تازو پيدا ٿيل بحران 25 اپريل تائين جاري رهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيوآهي، وڏي وزير مراد شاهه پاران آبپاشي کاتي جو جوڙيل پلان رد ڪري ڇڏيو آهي، سڄي سنڌ ۾ واهن جي واري واري سان هفتيوار وارابندي جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، آبپاشي کاتي روهڙي ۽ نارا ڪئنال جي آبادگارن کي وونئڻن جي پوکي دير سان ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

سي ايم هائوس ۾ پاڻي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ شاهه ۽ مختلف انجنيئرن شرڪت ڪئي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب آبپاشي عملدارن ۽ پاڻي ماهرن پاران وڏي وزير کي ڄاڻ ڏني وئي ته اُترين علائقن ۾ ٿڌ ۽ برفباري ختم نه ٿيڻ سبب پاڻي کوٽ پيدا ٿي آهي، اپريل ۾ پاڻي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي. تنهن ڪري حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزنن ۾ ٿيندڙ آڳاٽي فصل لاءِ پاڻي مهيا ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. پاڻي مهيا نه ڪري سگهڻ سبب آبادگارن کي صلاح ڏجي ٿي ته آڳاٽو فصل پوکڻ ۾ تڪڙ نه ڪن.

water shortage 4

سنڌسماءُچار کي مليل ڄاڻ مطابق گڏجاڻي ۾ وڏي وزير آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران پيش ڪيل خريف واري ايمرجنسي پلان کي رد ڪندي آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته خريف جي پوکي لاءِ پرڳڻي ۾ پاڻي جي وارابندي ڪئي وڃي.

 سمورن شاخن ۾ هفتي هفتي جي وارا بندي ڪري خريف واري فصل کي 15-15 ڏينهن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته خريف جي مند ۾ نارا ۽ روهڙي ڪئنالن تي پهرين اپريل کان ٿيندڙ وونئڻن جي پوکي ۾ آبادگار تڪڙ ڪرڻ بدران ڪجهه دير سان پوکي ڪن، جڏهن ته گهوٽڪي ڪئنال تي دارومدار رکندڙ آبادگار 15 مئي تي پوکي ڪن،

water drinking2

اپريل جي آخر ۾ صورتحال کي ڏسندي سارين جي پوکي بابت پاليسي جوڙي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته خريف ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 10 کان 60 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي، ان ڪري آبپاشي کاتو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ کي ترجيح ڏئي، ان کان اڳ آبپاشي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اترين علائقن ۾ ٿيندڙ هاڻوڪي برفباريءَ ۽ گهٽيل گرمي پد سبب صورتحال خراب ٿي آهي. اتان پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائيءَ ڪري تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ به پاڻي جي آمد ۾ کوٽ پيدا ٿي آهي، هن چيو ته 2 کان 10 مارچ تي چشما بئراج وٽ روزانو 40000 بدران 22798 ڪيوسڪ وهڪرو رهيو آهي، پنجاب جا واهه تونسا بئراج مان پنهنجي گهرج جو پاڻي وٺندا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ 18 مارچ کان پاڻيءَ جي کوٽ شروع ٿي آهي، جيڪا اپريل جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾ 10 کان 60 سيڪڙو ٿيندي. هن چيو ته اهڙي صورتحال سال 2012ع ۾ ٿي هئي، هن چيو ته هيل 2012ع کان به وڌيڪ برفباري ٿي آهي. برفباريءَ سبب اسڪردو ۾ گرمي پد گهٽيو آهي. ارسا ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن برف پگهرجڻ يا برسات پوڻ ۾ دير ٿي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، پاڻي جي کوٽ اپريل 2017ع جي آخر تائين جاري رهي سگهي ٿي.

اجلاس بابت سنڌسماءَچار کي آبپاشي کاتي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ، وڏي وزير آبپاشي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مون سيڪريٽري آبپاشيءَ کي هدايت ڪئي هئي ته هُو ٽنهي بئراجن جي چيف انجنيئرن سان اجلاس ڪري، کين صوبي کي پيش ايندڙ پاڻي جي کوٽ ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري. جنهن تي سيڪريٽري آبپاشيءَ چيو ته هن چيف انجنيئرز سان اجلاس ڪري حڪمت عملي واضح ڪئي آهي، هن حڪمت عمليءَ بابت ٻڌائيندي چيو ته 31 مارچ کان گڊو بئراج کي سالياني بندش هيٺ مهيني لاءِ بند ڪيو ويندو، تيستائين واهن جي سطح گهٽ هوندي، تنهن ڪري اتان بلوچستان کي پاڻي جي فراهمي به يقيني بڻائي ويندي، سکر بئراج بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سکر بئراج جو پهرين اپريل کان وهڪرو 10100 ڪيوسڪ هوندو.

River Indus1

 کير ٿر ۽ دادو ڪئنال 31 مارچ تائين شيڊيول بندش ڪري بند هوندا، بلوچستان جو سکر بئراج رائيٽ بينڪ مان روزانو جو حصو 700 ڪيوسڪ آهي، جنهن کي 31 مارچ تائين يقيني بڻايو ويندو، جيتوڻيڪ اين ڊبليو سي ۽ دادو ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي. خيرپور فيڊر ايسٽ ۽ ويسٽ هر هڪ ۾ 50 سيڪڙو کوٽ هجڻ سبب انهن ڪئنال ۾ 650 ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪيو ويندو، روهڙي ڪئنال کي 5000 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو، نارا ڪئنال کي وري 3800 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو، ڪوٽڙي بئراج بابت حڪمت عملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته سکر بئراج کان ڪوٽڙي بئراج لاءِ 6000 بدران 3000 ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪيو ويندو، سکر بئراج وٽ پاڻي جي وهڪري ۾ بهتري ايندي ئي ڪوٽڙي بئراج کي پاڻي جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني ويندي ته جيئن خريف جي شروعاتي گهرجن کي پورو ڪري سگهجي، وڏي وزير آپباشي کاتي کي هدايت ڪئي ته پاڻيءَ جي کوٽ بابت عوام کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته پيئڻ جي پاڻيءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ خاص ڌيان ڏنو وڃي، هن چيو ته نارا ۽ روهڙي ڪئنالن تي پهرين اپريل کان وونئڻن جي پوکي ۾ دير ڪئي وڃي، جڏهن ته گهوٽڪي ڪئنال لاءِ 15 مئي ڪئي وڃي. اپريل جي آخر ۾ صورتحال کي ڏسندي سارين جي پوکي بابت غور ڪيو وڃي، هن چيو ته رائيس ڪئنال ڪمانڊ جي کاتيدارن کي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ هڪ نئين حڪمت عملي واضح ڪئي وڃي، سيد مراد علي شاهه چيو ته لاڳاپيل چيف انجنيئرز سان صلاح مشوري بعد واهن ۾ پاڻيءَ جي ايڊجسٽمينٽ ۽ ڊسچارج ٿيڻ گهرجي، ڪوٽڙي بئراج کي ملندڙ پاڻيءَ جي تناسب سان پيئڻ جي پاڻي جي ضرورتن کي ترجيح ڏني وڃي.

water shortage 3

سيڪريٽري آبپاشيءَ چيو ته اٽڪل سمورن واهن ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿيندي، هن چيو ته اهڙي قسم جي صورتحال پهرين به ٿي آهي، اهڙي صورتحال کي بهتر ريت منهن ڏنو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *