Friday , April 19 2024

سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي ڪراچي تي وڌيڪ محنت ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ جي نون چونڊيل نمائندن جو اجلاس، چونڊن ۾ ڌانڌلين کانپوءِ واري صورتحال ۽ سنڌ ۾ حڪومت جوڙڻ بابت غور ويچار، بلاول  چيو آهي ته چونڊن مان خبر پئجي وئي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي، سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي ڪراچي تي وڌيڪ محنت ڪنداسين، جنهن جي ڪارڪردگي بهتر نه هوندي ته ان کي فارغ ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ جي نون چونڊيل نمائندن جو اجلاس ٿيو، چونڊن ۾ ڌانڌلين کانپوءِ واري صورتحال ۽ سنڌ ۾ حڪومت جوڙڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو، بلاول خطاب ڪندي  چيو آهي ته چونڊن مان خبر پئجي وئي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي، سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي ڪراچي تي وڌيڪ محنت ڪنداسين، جنهن جي ڪارڪردگي بهتر نه هوندي ته ان کي فارغ ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هميشه جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.هن چيو ته پارٽي پنهنجي نظرئي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪندي. پ پ چيئرمين چيو ته ڏکيائن ۽ ڌانڌلي جي باوجود پ پ 2013 جي مقابلي ۾ 2018 جي چونڊن ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪجهه پارٽيون پارليامينٽ جي بائيڪاٽ جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن، پر اسان انهن کي ائين نه ڪرڻ لاءِ قائل ڪري ورتو آهي. هي جمهوري سوچ جي ڪاميابي آهي، جڏهن ته اسان کي چونڊ عمل تي تمام گهڻا تحفظات آهن. هن چيو ته اسان کي سنڌ ۾ وڌيڪ ڊليور ڪرڻ تي فوڪس ڪرڻو آهي،سٺي حڪمراني ۽ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.بلاول چيو ته عوام اسان  کي ايوانن ۾ موڪليو آهي، ان کي مايوس نه ڪنداسين. ان موقعي تي مانجهاندي ۾ راجا پرويز اشرف، فريال ٽالپر، شيري رحمان، قائم علي شاهه، خورشيد شاهه، نثار کهڙي، رضا رباني، مراد علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *