Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ اَي ڪلاس ڪيل ڪيس، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ پراسيڪوٽر جي انگن اکرن ۾ تضاد

ڪراچي(رپورٽر   سنڌساماءَچار) سنڌ جي سمورن ٿاڻن ۾ ڪيترا ڪيس ايَ ڪلاس ڪيا ويا آهن؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جي انگن اکر عدالت کي منجهائي وڌيو، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ اَي ڪلاس ڪيل ڪيس بابت آءِ جي سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جي رپورٽ ۾ انگ اکر ڌار ڌار هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ اَي ڪلاس ڪيل ڪيسز بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پراسيڪيوٽر جنرل، آءِ جي سنڌ ۽ ضلعي عدالتن طرفان اَي ڪلاس ڪيل رپورٽ پيش ڪئي وئي. اَي ڪلاس ڪيل ڪيسز ۾ آءِ جي سنڌ ۽ پراسيڪيورٽر جي رپورٽ ۾ تڪرار هئڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته لاڳاپيل عملدارن عدالتي فيصلي تي عمل کي سنجيدا نه ورتو آهي. آءِ جي سنڌ پاران عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته صوبي ۾ 54 هزار 4 سئو ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته صوبي ۾ 88 هزار 2 سئو 11 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اَي ڪلاس ڪيس ٻڌڻي هيٺ هئڻ ڪري ڏوهن ۾ واڌ ٿي آهي، رڳو ڪراچي جي ٽن ضلعن ۾ 46 هزار اي ڪلاس ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.

عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ پوليس وٽ اي ڪلاس ڪيسز جو جامع  رڪاڊ موجود نه آهي، اَي آءِ جِي ليگل اي ڪلاس ڪيسز بابت عدالت سان سهڪار ڪرڻ ۾ به ناڪام ويو آهي. عدالت هر 15 ڏينهن کانپوءِ اَي ڪلاس ڪيسز کي ڪاز لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عدالتون ڪيس ۾ متاثر ڌر ۽ جاچ آفيسر کي طلب ڪن.عدالت حڪم ڏنو ته اَي ڪلاس ڪيسز جو رڪارڊ نئين سر بڻايو وڃي ۽ ضلعي عدالتون ۽ هاءِ ڪورٽس جي ويب سائيٽ تي سمورو رڪارڊ اپلوڊ ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *