Thursday , April 18 2024

سنڌ ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي جون تياريون مڪمل

census-karachi2

سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ آدمشماري ٿيندڙ ضلعن ۾ سڀاڻي سامان عملي حوالي ٿيندو، گاڏين لاءِ فنڊ جاري، فنڊ دير سان ملڻ سبب عملي لاءِ گهربل گاڏيون فراهم نه ٿيڻ جو خدشو، اپريل کان لعل شهباز قلندر جو عرس هئڻ سبب سيوهڻ تعلقي ۾ به پهرين مرحلي ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو، تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ 15 مارچ کان 15 اپريل تائين پهرين مرحلي ۾ ٿيندڙ آدمشماري وارن ضلعن ۾ سڀاڻي  12 مارچ تي سامان عملي حوالي ڪيو ويندو.

census-karachi1

ڪراچي جي ايسٽ، ويسٽ، سائوٿ، ڪورنگي، سينٽرل ۽ ملير ضلعن، حيدرآباد ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ تازو شامل ڪيل سيوهڻ تعلقي ۾ آدمشماري واري مقرر ٿيل عملي کي آدمشماري فارم رجسٽرڊ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويندو، ضلعي سينسز ڪمشنر پنهنجن پنهنجن آفيسن مان لاڳاپيل حدن واري عملي کي سامان فراهم ڪرائيندا.

پهرين مرحلي وارن ضلعن ۾ آدمشماري واري عملي کي فيلڊ ۾ پهچائڻ ۽ واپس کڻي اچڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ سينسز جي وفاقي اختيارين پاران ڪالهه گهربل رقم لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سي ڏانهن اماڻي وئي آهي، ڄاڻايل رقم ۾ ڪجهه ڏينهن دير سان ملڻ سبب عملي لاءِ گهربل گاڏيون فراهم ڪرڻ لاءِ انتظام نه ڪيا ويا هئا.

رقم رليز ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سيز ٽرانسپورٽرن سان گڏجاڻيون ڪري گهربل گاڏين جو بندوبست ڪرڻ ۾ رڌل هئا، رقم ملڻ کانپوءِ عملي کي سامان ۽ گاڏيون فراهم ڪرڻ ۾ صرف هڪ ڏينهن هئڻ سبب وقت تي گهربل گاڏين جو انتظام نه ٿيڻ جو خدشو آهي، ذريعن موجب هر سرڪل لاءِ هڪ گاڏي  هئڻ سبب حيدرآباد ضلعي جي سٽي، لطيف آباد، ڪينٽ ايريا، قاسم آباد ۽ تعلقي ٻهراڙي لاءِ 351 گاڏيون فراهم ڪيون وينديون، ذريعن موجب عملي کي فراهم ٿيندڙ گاڏين ۾ بسون، وينون، هاءِ روف ۽ ٻيون گاڏيون شامل هونديون.

ان سلسلي ۾ ڊي سي حيدرآباد انور علي شر رابطو ڪرڻ تي ڪاوش سان ڳالهائيندي گاڏين لاءِ فنڊ ڪالهه ملڻ جي تصديق ڪئي، هن چيو ته ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون هلندڙ آهن، سڀاڻي 12 مارچ تي عملي کي سامان ۽ گاڏيون فراهم ٿي وينديون ۽ آدمشماري وارو عمل شيڊيول مطابق شروع ٿيندو.

census-karachi

حيدرآباد ڊويزن جي اسسٽنٽ سينسز ڪمشنر عبدالمجيد لغاري ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته آدمشماري جو ٻيو مرحلو جيڪو 15 اپريل کان شروع ٿيڻو آهي، انهي دوران لعل شهباز قلندر جو عرس مبارڪ به شروع ٿيڻو آهي، تنهن ڪري گذريل هفتي فيصلو ڪري صرف سيوهڻ تعلقي ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سيوهڻ ۾ تياريون مڪمل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *