Friday , March 29 2024

سنڌ ڪابينا ۾ چار وزير شامل، وڏي وزير پنهنجا 6 مددگار به مقرر ڪري ڇڏيا

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا ۾ واڌ بعد وزيرن جي کاتن ۾ ڦيرڦار، مرتضيٰ بلوچ کي ليبر ۽ هيومن ريسورس، باري پتافي کي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جا کاتا ڏنا ويا، صوبائي وزير ناصر شاهه کي جيلن ۽ مذهبي معاملن ۽ مڪيش ڪمار کي پارليماني معاملن جو اضافي قلمدان ڏنو ويو، فراز ڏيرو کي اوقاف ۽ عشر زڪوات وارو کاتو الاٽ، محمد بخش مھر راندين بابت صلاحڪا مقرر، وڏي وزير 6 خاص مددگار به مقرر ڪري ڇڏيا. نوٽيفڪيشن جاري.

سنڌ ڪابينا ۾ واڌ بعد وزيرن جي کاتن ۾ ڦيرڦار  ڪئي وئي آهي، مرتضيٰ بلوچ کي ليبر ۽ هيومن ريسورس ۽ باري پتافي کي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جا کاتا ڏنا ويا آهن. سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ورڪس اينڊ سروس واري صوبائي وزير ناصر شاهه کي جيلن ۽ مذهبي معاملن وارو اضافي قلمدان ڏنو ويو. وڏي وزير پنهنجي ڪابينا ۾ مڪيش ڪمار کي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن  اينڊ نارڪوٽيڪس کانسواءِ پارليماني معاملن جو واڌو چارج به ڏنو آهي. سنڌ حڪومت ۾ فراز ڏيرو کي اوقاف ۽ عشر زڪوات وارو کاتو الاٽ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جي انڊسٽريز اينڊ ڪامرس بابت صلاحڪار سردار محمد بخش مھر کي اسپورٽس اينڊ يوٿ افئيرز جو به صلاحڪا مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه وڏي وزير پنهنجا 6 خاص مددگار به مقرر ڪيا آهن جن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ چئن ميمبرز جي واڌ ڪئي وئي جن ۾ نواب تيمور ٽالپر، سيد اويس شاهه، مرتضيٰ بلوچ ۽ باري پتافي شامل آهن.  گورنر عمران اسماعيل ڪابينا ۾ شامل چئن نون ميمبرن کي حلف کڻايو. صوبائي ڪابينا ۾ چئن نون ميمبرز پاران حلف کڻڻ بعد سنڌ ڪابينا جي ميمبرز جو انگ وڌي 16 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *