Thursday , April 18 2024

سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، رينجرز جي پوليسنگ جا اختيار ڏيڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويندو

ڪراچي: سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي غور ڪيو ويندو. سنڌابينا جي اجلاش ۾ گهرو کاتي پاران رينرجز جي اختيارن ۾ 3 مهينن جي واڌ لاءِ موڪليل سمري تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏي وزير جي  صوبائي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن جي اختيارن واري معاملي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ۾ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن تي به غور ڪيو ويندو.

ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب شهيد بينظير آباد ضلعي ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ننڍي چونڊ جي شيڊيول پڌرو ٿيڻ کان اڳ انتظامي تبديلين بابت به غور ويچار ڪيو ويندو.

سنڌ سماچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ ڪابينا جياجلاس ۾ ان ڳالهه تي به ويچاريو ويندو ته مختلف صوبائي کاتن ۾ اعلانيل نوڪرين کي جلد کان جلد ڀرتين واري عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ سڀ کان پهرين شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ڀرتين واري عمل کي تڪڙو اڪلائڻ ۽ ننڍي چونڊ واري شيڊيول جاري ٿيڻ کان پهرين مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي به غور ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *