Friday , March 29 2024

سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي پيو: گورنر عمران اسماعيل جي دعويٰ

حيدرآباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل دعويٰ  ڪئي آهي ته، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي، پر سنڌ حڪومت پاڻي جي مقامي سطح تي ورڇ تي ڌيان ناهي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ مسئلا پيدا ٿيا آهن، ان لاءِ ڊيمز هر حالت ۾ ٺاهڻا پوندا. مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته، گذريل 25 کان 30 سالن تائين سنڌ سان تمام گهڻيون زيادتيون ٿيون آهن، گئس ۽ پاڻي نه ڏنو ويو، آئون جيستائين گورنر هائوس ۾ آهيان، سنڌ کي حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس، اهڙو اظهار هن حيدرآباد جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌو درياهه جي ڪوٽڙي بئراج جو دورو ڪيو ۽ ڪينجهر جي حوالي سان بريفنگ ورتي، ڪينجهر جي صورتحال تمام خراب آهي، وزيراعظم عمران خان کي ڪينجهر جي حوالي سان آگاهي ڏيندس، هن چيو ته وفاق سنڌ جي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏئي رهيو آهي پر سنڌ ڊيم نه ٺاهيا، هاڻي  به وقت آهي ته پاڻي بچائڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا وڃن. عمران اسماعيل چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪي فور منصوبي لاءِ پوري فنڊنگ ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، اسان کان هڪ سئو ڏينهن جو حساب گهرڻ وارن 70 سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *