Friday , March 29 2024

سنڌ پوليس ٽن رينجز ۾ ورهائجي وئي،آءِ جي سنڌ 22 گريڊ کان گهٽ نه هوندو

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران سنڌ پوليس جو آءِ جي 22 هين گريڊ جو پوليس آفيسر لازمي هجڻ ۽ پوليس کي ٽن ريجنز ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پوليس کي رينجز ۾ ورهائڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ جا اختيار گهٽائڻ واري فارمولا تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت ابتدائي طور تي سنڌ پوليس کي ٽِن رينجز، ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق هر رينج جو سربراهه پوليس جو ايڪهين گريڊ جو ايڊيشنل آءِ جي هوندو. ان سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com پاران جڏهن هڪ سينئر پوليس آفيسر سان رابطو ڪري معلومات ورتي ته، هن ٻڌايو، هر رينج جو ايڊيشنل آءِ جي ايڪيهين گريڊ جو هوندو ته پوءِ اهو لازمي بڻجي ويندو ته سنڌ پوليس جو سربراهه 22 هين گريڊ جو هجي، يا وري جيڪڏهن 21 هين گريڊ جو هوندو ته پوءِ ٻين سمورن 21 هين گريڊ وارن اي آءِ جيز کان موسٽ سينئر (گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ) هجڻ گهرجي، پر اهو ڪنهن به مجبوري جي صورت ۾ هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن www.sindhsamaachar.com کي ٻڌايو ته، سنڌ حڪومت جي هن فيصلي سان پيپلز پارٽي خاص طور تي آصف زرداري، فريال ٽالپر، خورشيد شاهه ۽ مراد علي شاهه جا ناپسنديده آفيسرز آءِ جي سنڌ پوليس نه ٿين سگهندا، ڇو ته انهن جو آپشن تمام گهٽ هوندو، باي اي آءِ جيز لاءِ اهو مرحلو ايترو ڏکيو نه آهي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، حيدرآباد ريجن کي حيدرآباد ۽ سکر رينج ۾ ورهايو ويو، حيدرآباد رينج ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد شامل. سکر رينج ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج کي شامل ڪيو ويو آهي، سکر ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ 21هين گريڊ جا ايڊيشنل آءِ جي مقرر ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *