Friday , March 29 2024

سنڌ پوليس جا 7 ايس پي ايندڙ سال رٽائر ٿي ويندا

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ پوليس جا 7 سينئر سپرينٽنڊنٽنٽ / ايس پيز ايندڙ سال مختلف وقت تي رٽائر ٿي رهيا آهن، پوليس آفيسرز جي رٽائرمينٽ جي حوالي سان اهڙو اڳواٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل آءِ جي اسٽبلشمينٽ نعيم شسيخ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس پي محسن ڪاظمي؛ اي ڊي آءِ ٽي اينڊ ٽي پهرين اپريل 2018 تي رٽائر ٿي ويندو. ايس پي ليگل حيدر آباد ريجن عبدالجميل هاشمي، 23 اپريل 2018، اي ڊي آءِ جي سي آءِ اي پوليس ايس پي گل حميد سمون 16 هين اگسٽ 2018 تي رٽائر ٿي ويندو. نوٽيفڪيشن مطابق هن وقت پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس پي سڪندر علي ڪورائي به 18 سيپٽمبر 2018 تي رٽائر ٿيندو. ايس پي ٽريفڪ ڪراچي سينٽرل سيد ذوالفقار حسين شاهه 5 ڊسمبر 2018، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس پي محمد اڪرم ابڙو 7 ڊسمبر 2018 تي رٽائر ٿي ويندو. ملير جو تازو مقرر ٿيل ايس ايس پي انور احمد خان 31 ڊسمبر 2018 تي رٽائر ٿي ويندو.

ان سلسلي ۾ هڪ پوليس آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻءڌايو ته، جيڪڏهن پوليس آفيسرز جي رٽائر مينٽ جو اهڙُ ڪو نوٽيفڪين جاري ٿيو آهي ته، اها نئين ڳالهه آهي، ڇو ته اڳ ۾ سندس نظر مان اهڙُ ڪو به نوٽيفڪيشن  ناهي گذريو، جنهن ۾ ڪنهن به پوليس آفيسر جي رٽائر مينٽ جي حوالي سان جاري ٿيو هجي ۽ اهو به ايترو وقت اڳ ۾.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *