Friday , March 29 2024

سنڌ پوليس ترقي جي دڳ تي_ آفيسرز واٽس ايپ هلائڻ سکن يا نوڪري تان هٿ کڻن..؟؟

sindh-police logo small watsapp

جديد ٽيڪنالاجي شھيد بينظيرآباد پوليس کي مھانگي پئجي وئي، واٽس ايپ نه ھلائي سگهندڙ ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ ٿاڻي جي وڏن منشين کي ھٽائڻ جو فيصلو، سکيا لاءِ ھڪ ھفتي جو الٽيميٽم، رپورٽ موجب آءِ جي سنڌ پوليس پاران پوليس کاتي ۾ پراڻو سسٽم بند ڪري نئون سسٽم متعارف ڪرائڻ لاءِ عملي قدم شروع ٿي ويا آهن.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پيز کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته ضلعي جي ڊي ايس پيز ، ايس ايڇ اوز ۽ ٿاڻن جي وڏن منشين کي واٽس ايپ تي ميسيج ڪرڻ سميت مختلف ٽيڪنالاجي تحت ڪارڪردگي اپ لوڊ ڪرڻ سيکاري وڃي.

ٽيڪنالاجيز نه سکندڙ پوليس اھلڪارن کي ھٽايو وڃي، جنھن بعد ضلعي شھيد بينظيرآباد جي ايس ايس پي تنوير تنيو نوابشاھ سميت ضلعي شھيد بينظيرآباد جي 28 ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ وڏن منشين سان گڏجاڻي ڪري واٽس ايپ ۽ ڪمپيوٽر جون ٻيون ٽيڪنالاجيز سکڻ جي ھدايت ڪئي.

watsapp1

ايس ايس پي پوليس عملدارن ھڪ ھفتي جو مهلت ڏني آهي ته اهي ڪمپيوٽر ۽ موبائل فون تي واٽس ايپ سميت ٻيا جديد فنڪشڻ سکي وٺن نه ته کي گهر به وڃڻو پئجي ويندو، مطلب ته نوڪري تان هٿ ڌوئڻا پوندا.

اھڙي فيصلي بعد موبائل فون جي ڄاڻ نه رکندڙ پوليس اھلڪارن کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي ويو آھي انھي سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي تنوير تنيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ ھفتي جو پوليس آفيسرن توڙي وڏن منشين کي الٽيميٽم ڏنو آھي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *