Friday , April 19 2024

سنڌ يونيورسٽي سميت ٻين تعليمي ادارن جي شاگردياڻين کي هيسائڻ جو سلسلو جاري،هڪ نياڻي پاران آپگهات جي ڪوشش

   اي ايس پي حيدر آباد  زاهدا پروين         

حيدر آباد (رپورٽر     سنڌ سماءَ چار)  مادر تعليمي اداري سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي هيسائڻ وارو عمل بند نه ٿي سگهيو آهي، هڪ نياڻي پاران هيسائڻ کان تنگ اچي آپگهات جي به ڪوشش ڪرڻ جو انڪشاف ٿيوآ هي. اي ايس پي حيدر آباد زاهدا پروين چيو آهي ته شاگردياڻين کي هيسائڻ وارن واقعن جون 17 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن. حيدرآباد ۾ ڇوڪرين کي هيسائڻ جي الزام هيٺ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد جي اي ايس پي زاهدا پروين  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌيونيورسٽي ۽ حيدرآباد جي ڪاليجن جي ڇوڪرين کي وڌيڪ حراسان ڪيو وڃي ٿو. هڪ ڇوڪريءَ هيسائڻ کانپوءِ آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ان جي شڪايت تي کيس هيسائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو. پوليس عملدار ٻڌايو ته عورتن جي درخواستن تي 444 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن مان 424 ڪيسن کي اڪلايو ويو آهي.هن چيو ته جن عورتن شڪايتون ڪيون،انهن جي سڃاڻپ  کي ڳجهو رکيو ويو. اي ايس پي زاهدا پرين ٻڌايو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان فراز قريشي جي خلاف حراسمنٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته هڪ شاپنگ مال تي ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ کي حراسان ڪيو ويو،جتي 600 عورتون ڪم ڪن ٿيون ۽ عورتن جي حراسمنٽ کي روڪڻ جو ڪوبه مڪينزم موجود ناهي.

سٽي ٿاڻي تي هڪ ٻيو ڪيس داخل ٿيو، جنهن ۾ جوابدار مهروز خان ملوث آهي.هن ٻڌايو ته هڪ ڇوڪريءَ آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، ڇوڪريءَ جي شڪايت تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ڇوڪري پوليس کي ٻڌايو ته  هوءَ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهي، سندس ڪلاس فيلو کيس بليڪ ميل ڪري رهيو هو. زاهدا پروين ٻڌايو ته ميرپور خاص جو هڪ جوابدار سرمد حميد چنا به شامل آهي،جيڪو ڇوڪرين کي حراسان ڪرڻ ۾ ملوث رهيو آهي.هن چيو ته پوليس جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو آهي.جوابدار سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمنٽ جو شاگرد آهي. ايس پي زاهدا پروين چيو ته نياڻين کي اپيل ڪيان ته جيڪڏهن ڪير به کين ڪنهن طريقي سان تنگ ڪري ٿو ته پوءِ اُهي ساڻس رابطو ڪن.، انهن جي هر طرح سان مدد ڪئي ويندي ۽ تنگ ڪندڙ ڪير به هجي ۽ ڪيترو به بااثر ڇو ڪو نه هجي پر ان کي قانون جي ڪٽهڙي بيهاريو ويندو. هن چيو ته متاثر نياڻين جي سڃاڻپ ڪنهن به صورت ۾ ظاهر نه ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *