Wednesday , April 24 2024

سنڌ يونيورسٽي ۾ مبينا آپگهات ڪندڙ نائلا رند ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Naila Rind 03

 سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، لڳ ڀڳ 10 مهينا اڳ سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ مبينا آپگهات ڪندڙ نائلا رند ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امجد علي ٻوهيو کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي  وڪيل پاران اڻ سڌي طرح نائلا رند کي يونيورسٽي ۾ حراسان ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته جنسي طور حراسان ته بار ۾ به ڪيو ويندو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي ڪٿي به داداگيري هلڻ نه ڏبي، بار ۾ به جيڪڏهن جنسي طور حراسان ڪيو پيو وڃي ته ان جي به جاچ ڪرائي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدر آباد ۾ نائلا رند ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊوڪيٽ جيٺانند جهمٽ مل ۽ ڪي بي لغاري وچ ۾ شاگردياڻين کي يونيورسٽي ۾ خوفزده/ڊيڄارڻ، دٻاءَ وجهڻ واري ڳالهه تان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. جنهن ۾ يونيورسٽي جي وڪيل چيو ته جنسي حراسمينٽ ته بار اندر به ٿئي ٿي. جنهن تان بار جي جنرل سيڪريٽري ڪي بي لغاري چيو ته وڪيل دوست غلط انداز ۾ غلط الزام هڻي رهيو آهي. وڪيلن پاران جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن به قسم جي داداگيري نه هلندي، فوري طور تي بار اهڙي معاملي جو نوٽيس وٺي نه ته اسان توهين عدالت جي ڪارروائي جو حق رکون ٿا. جنهن کانپوءِ بار جي صدر اياز تنيي ۽ ايڊوڪيٽ سجاد چانڊيي عدالت کان معاوفي وٺي معاملي کي ٽاري ڇڏيو. نائلا رند ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت سڳوري وومين ڪمپليئنٽ سيل جي انچارج فوزيه اشرف کي اجازت ڏني ته هو يونيورسٽي اختيارين جي مرضي کانسواءِ گرلس هاسٽلن ۾ وڃي معاملا پرکڻ ۽ رپورٽ ڪرڻ جو حق رکي ٿي.

Sindh High Court buld

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي ڊبل بينچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس فهيم صديقي نائلا رند ڪيس جي ٻڌڻي دوران، سنڌ يونيورسٽي ۾ ماروي هاسٽل جي شاگردياڻين جي حوالي سان وومين ڪمپليئنٽ سيل جي انچارج فوزيه اشرف آگاهي ڏيندي چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جون شڪايتون مليون آهن، يونيورسٽي جا پروفيسر به شاگردياڻين کي هراسان ڪن ٿا، سنڌ يونيورسٽي جي وڪيل ايڊووڪيٽ جهمٽ مل ڄيٺانند دليل ڏيندي چيو ته يونيورسٽي پنهنجو ڪم بهتر انداز ۾ ڪري رهي آهي، گرلس هاسٽلن ۾ شاگردياڻي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگرياڻين جو مسئلو انتهائي سنجيده آهي، سنڌ يونيورسٽي جي گرلس هاسٽلن تي سيڪيورٽي لاءِ وومين پوليس جون ڪمانڊروز مقرر ڪيون وڃن،  جڏهن ته سمورين گرلس هاسٽلن ۾ صحت جون سموريون سهولتون مهيا ڪري هڪ مهيني اندر وومين اسپتال پڻ قائم ڪئي وڃي. عدالت اهو به چيو ته فوزيه اشرف يونيورسٽي ۾ بنا ڪنهن اجازت جي وڃي سگهي ٿي؛ جنهن سان 2 جوڊيشل مئجسٽريٽ پڻ گڏ هجن، ماروي هاسٽل ۾ سي سي ٽي وي ڪئيمرائون لڳائي رپورٽ ڏني وڃي، جڏهن ته نائلا رند بابت دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ هلندڙ ڪيس روڪي ٻن مهينن اندر جوڊيشل انڪوائري ڪرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

Naila Rind 01

ان ڏس ۾ عدالت  نائلا رند قتل بابت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل جوڊيشل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. عدالت غفلت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ۽ پوليس جاچ تي بداعتمادي جو اظهار ڪيو. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سنجيده آپريشن جي ضرورت آهي. معاملا درست ڪرڻ انتظاميا جو ڪم آهي. عدالت چيو ته يونيورسٽي ۾ اهي مضمون پڙهيا پيا وڃن جيڪي بند ٿي چڪا آهن. عدالت ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري  ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *