Thursday , March 28 2024

سنڌ واٽر ڪميشن جو مستقبل سواليه نشان بڻجي ويو، اميرهاني مسلم جو مدو ختم

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ سان لاڳاپيل منصوبن ۾ بي ضابطگين سميت ٻين معاملن جي جاچ ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت جوڙيل ”واٽر ڪميشن“ جو مستقبل سواليه نشان بڻجي ويو آهي، ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي، ڪميشڻ ۽ ان جي چيئرمين بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي. سنڌ واٽر ڪميشن سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي جي منصوبن توڙي گندي پاڻي جي نيڪال ۽ انهن سان لاڳاپيل مسئلن بابت ڪيترائي حڪم پڻ ڏنا ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ ورهين کان بند پيل پاڻي جي فراهمي جا بند ۽ ناڪاره پيل منصوبا شروع ڪرايا ۽ ڪيترن ئي آفيسرز کي معطل پڻ ڪيو. هڪ رپورٽ موجب ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ علائقن جا 267 دورا ڪيا ۽ ڪمين 117 ٻڌڻيون ڪيون. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت 1776کان وڌيڪ درخواستون وصول ڪيون. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پاڻي ڪميشن 2016ع ٺاهيو ويو آهي جنهن جو پهريون سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو هو جنهن بعد هڪ سال اڳ سپريم ڪورٽ جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم کي پاڻي سنڌ واٽر ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. جنهن جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *