Friday , March 29 2024

سنڌ واٽر ڪميشن جو سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو تبديل، جسٽس (ر) امير مسلم هاني نئون سربراهه مقرر

جسٽس (ر) اميرمسلم هاني               جسٽس اقبال ڪلهوڙو

ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل واٽر ڪميشن جو نئون سربراهه سربراهه سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج، جسٽس امير هاني مسلم کي مقرر ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اقبال ڪلهوڙو کان ذميواريون واپس وٺي ڇڏيون آهن. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته، واٽر ڪميشن جي نئين سربراهه کي توهين عدالت جا اختيار به ڏنا ويندا. سنڌ حڪومت سندس لاءِ الڳ آفيس ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪري. سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ صاف پاڻي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو، ايم ڊي واٽر بورڊ سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته، ڪراچي شهر ۾ واٽر ٽئنڪرز ذريعي پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي، ان جو مطلب ته پاڻي موجود آهي پر ان کي ماڻهن تائين پهچائڻ وارو نظامر ناهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، ايم ڊي واٽر

بورڊ کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته سيوريج جو پاڻي ٽريٽ ڪري ڪڏهن ڇوڙ ڪيو ويندو جنهن سان گدلي پاڻي وارو مسئلو حل ٿئي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ ٽئنڪرن ذريعي ئي ڇو پوري ٿيندي آهي؟. ٻڌايو ته باٿ آئي لينڊ ڪٿي آهي، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي جواب ڏنو ته اتي پاڻي جون لائنون نه آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطلب آهي ته پاڻي آهي پر نظام نه آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته پاڻي جي موڪججودگي ۽ سپلاءِ ۾ فرق آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ذريعو توهان ئي آهيو، پاڻ پاڻي جي فراهمي جو انتظام ڇو نه ٿا ڪيو، ڇا ڊفينس ۾ پاڻي جي فراهميءَ جو ڪو پنهنجو نظام ناهي. هن چيو ته ٽئنڪر مافيا بڻجي چڪي آهي، اربين رپيه ڪمايا پيا وڃن، سنڌ سرڪار شهرين کي پاڻي به فراهمي نه ڪري رهي آهي. ٽئنڪرن جي ٺيڪن پويان ڪير آهي، غريبن جي کيسي مان 4 هزار رپيا چورايا پيا وڃن، مافيا جا پنهنجا مفاد آهن، بااثر ماڻهو ٽئنڪر بند ٿيڻ نه ڏيندا. چيف جسٽس چيو ته ايم ڊي واٽر بورڊ ذميواري ادا نه ٿو ڪري ته عهدو ڇڏي ڏي، جيڪڏهن اختيار ناهي يا ناڪام آهيو ته ڪابه ڳالهه ناهي، ٽئنڪر مافيا کي منهن ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، جيڪڏهن هو هڙتال ڪندا ته اسين کين منهن ڏينداسين.

ڪراچي جي اڳوڻي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر فهيم الزمان صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي شهر ۾ هن وقت ڏيڍ سئو کان وڌيڪ هائيڊرينٽس هلي رهيا آهن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته واٽر ٽينڪرن ذريعي پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي. بنيادي سوال آهي ته مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا. اسان کي رپورٽن ۾ نه منجهايو، سڌي ريت ٻڌايو ته منصوبن تي عمل ڪڏهن ٿيندو؟. عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ۾ سرندي وارن ماڻهن کي پاڻيءَ جا مفت ٽينڪرن فراهم ڪيا وڃن ٿا؛ جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته رات 12 وڳي به عدالت لڳائينداسين. منهنجا جج رات جو به ويهي سگهن ٿا.چيف جسٽس سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي چيو ته، چيف سيڪريٽري صاحب! اسان توهان جي مدد لاءِ آيا آهيون جيڪڏهن توهان کي فنڊ نه ٿو ملي ته سوچي آيو آهيان پنهنجي ٽن مهينن جي پگهار توهان کي ڏيندس، پر ڪم بندٿيڻ نه ڏينداسين. ماڻهن جا مسئلا حل ڪنداسين، توهان کي ٻين کان به چندو وٺي ڏينداسين. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته ڪيترائي علائقا ڪچيون آباديون آهن جتي لائنون نه آهن.

چيف جسٽس چيو ته پاڻي جي کوٽ ٽئنڪرن سان ڇو پوري ٿيندي آهي، هلو پيئڻ جو پاڻي ڇڏيو، استعمال جو پاڻي ٽئنڪرن سان ڇو پورو ٿي رهيو آهي. عدالت 6 مهينن دوران پاڻي جي مڪمل ٿيندڙ منصوبن جا سنڌ حڪومت کي 15 ڏينهن اندر تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.چيف جسٽس چيو ته ننڍپڻ ۾ شرارت تي ناني چوندي هئي ته ”ڀئو“ اچي ويندو جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. هن چيو ته سمجھيو ته سنڌ حڪومت پئسا ڏيڻ جي قابل ناهي ته چندو ڪري پئسا وٺي ڏينداسين. الله کان ڊڄو غريب مهيني ۾ ٻه ٽينڪر ڪيئن خريد ڪندو. هن ميئر کي چيو ته توهان مسئلن جو حل اسان جي سامهون رکو اسان ايندڙ هفتي اچي وينداسين. تجويزون اسان کي ڏيو يا واٽر ڪميشن کي پر اهي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. گڏيل ڪوششن سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هڪ ٽيم طور ڪم ڪرڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *