Wednesday , April 24 2024

سنڌ واٽر ڪميشن آر او پلانٽس بابت رپورٽ رد ڪري ڇڏي، پاڪ اوسيز کان معاهدي جي ڪاپي طلب

 Oasis plant1 Oasis plant2 Oasis plant 4 w

سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جو جائزو وٺڻ بابت جڊيشل ڪميشن توانائي کاتي طرفان آر او پلانٽس بابت جمع ڪرايل رپورٽ رد ڪندي آر او پلانٽس جي مرمت ۽ ٻين خرچن بابت هڪ ڪلاڪ ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪميشن سنڌ ۾ وفاقي ڊسپينسرين جي فهرست کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي سيڪريٽري انرجي ۽ انسٽيٽيوشن کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال واري معاملي جو جائزو وٺڻ بابت سپريم ڪورٽ جي جوڙيل ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال محمد ڪلهوڙو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هلائي.

Pak Oasis
ڪميشن توانائي کاتي طرفان آر او پلانٽس بابت جمع ڪرايل رپورٽ رد ڪندي آر او پلانٽس جي مرمت ۽ ٻين خرچن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڪميشن سنڌ ۾ وفاقي ڊسپينسرين جي فهرست کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي سيڪريٽري انرجي ۽ انسٽيٽيوشن کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي.
جڊيشل ڪميشن پاڪ اوسز ڪمپني ۽ سنڌ سرڪار ۾ ٿيل معاهدي جي ڪاپي به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي، واٽر سپلاءِ ۽ سيوريج بابت مالي تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ ناڻي کاتي کي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *