Friday , March 29 2024

سنڌ واسي محبت جي زنجير ۾ جڙندا ته تبديلي ممڪن آهي: علي قاضي

تبديلي پسند  پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سمورا سنڌ واسي محبت جي زنجير ۾ جڙندا ته تبديلي ممڪن ٿي سگهي ٿي. هوسڙي ويجهو ڳوٺ درگاهه قطب شاهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته 2018 جي اليڪشن واري ملهه 420 ڀوتارن ۽ سنڌ جي 5ڪروڙ اهم ماڻهن وچ ۾ ٿيندي، تبديلي اچي رهي آهي، سنڌ جي سمورن علائقن ۾ تبديلي جي حوالي سان جوش ۽ جذبو جاڳيو آهي.

علي قاضي چيو ته ماڻهو ثقافت جي ڏهاڙي تي، درياهه جي بحالي لاءِ ۽ ٻٽي نظام خلاف گڏجي سگهن ٿا ته پوءِ پنهجين زندگين ۾ تبديلي لاءِ به هڪ ٿي سگهن ٿا. جنهن ڏينهن اليڪشن لاءِ ماڻهو ووٽ ڪن ان ڏينهن پنهجي ذهن ۾ بنيادي مسئلن کي ضرور رکن ۽ جنهن ڏينهن ماڻهن زندگين ۾ تبديلي لاءِ ووٽ ڏنو ان ڏينهن کي تبديل جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو.علي قاضي چيو ته تبديل ڌرڻن، جلسن ۽ جلوسن سان نه ايندي پر قطار ۾ لڳي پرامن نموني سان مدي خارج نظام خلاف ووٽ ڏيڻ سان ايندي. هن چيو ته سمورن جماعتن ۾ ويٺل ڀوتار جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا سئوٽ ٿي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ جا عام ماڻهو  ووٽ ڏيڻ وقت هڪ ٻئي جا ڀائر ڇو نٿا ٿي سگهن.

تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته هر جماعت ۾ ويٺل ڀوتارن جي سياست جو انداز ساڳيو آهي ان کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. علي قاضي چيو ته سنڌ جي سمورن ماڻهن جا مسئلا هڪ جهڙا آهن، اسپتالن ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي تعليم نٿي ملي.هن چيو ته سارين جي آبادگارن کي اگهه نٿا ملن، ڪمند جي آبادگارن کي اگهه نٿا ملن، ڪمن کڻڻ لاءِ شگر ملون نٿيون هلايون وڃن  اهو سڀ ڪجهه خراب حڪمراني جي ڪري آهي، جيستائين حڪمراني جو انداز تبديل نه ٿيندو تيستائين سنڌ ۾ ترقي ممڪن نه آهي. علي قاضي سنڌ واسين تي زور ڀريو ته هو اليڪشن جي ڏينهن پنهنجي پاڻ لاءِ، پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ  ۽ ڌرتي جو قرض لاهڻ لاءِ ووٽ ڪن.

سندس چوڻ هو ته ٻين قرضن ۽ فرضن  جي ادائيگي  ٿي چڪي آهي ڪو هڪ ڏينهن اهڙو به هجي جو ماڻهو پنهجو ۽ ڌرتي جو قرض به لاهي سگهن. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته 30 سالن کان سنڌ جا مسئلا ساڳيا آهن، 55 سيڪڙو سنڌ جا ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذارين پيا، سرڪاري انگ اکرن موجب 40 لک ماڻهو ڪاري ڪامڻ جي مرض ۾ مبتلا آهن ،20 کان 22 سيڪڙو زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويون آهن، بيروزگاري انتها تي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن هڪڙي حڪومت جي خراب حڪمراني جي ڪري نه پر گذريل سمورن حڪومتن جي خراب حڪمراني جي ڪري آهي.

هن سنڌ واسين کان سوال ڪيو ته آخر هو ڪهڙي ڏينهن جو انتظار ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ماڻهو ووٽن ذريعي پرامن تبديلي نٿا آڻين ته پوءِ سنڌ جي ترقي ممڪن نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *