Friday , March 29 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهه زيب جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي آيل موت جون سزائون معطل ڪري ڇڏيون

ڪراچي ( اصغر آزاد  سنڌ سماءَچار ) سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاهزيب قتل ڪيس ۾ جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي ٻڌايل موت واري سزا ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس جي ڪارروائي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته ذاتي تڪرار وارو معاملو دهشتگرديءَ جي زمري ۾ نه ٿو اچي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شاهزيب قتل ڪيس ۾ شارخ جتوئي ۽ ساڻس گڏ سزا ٻڌايل 4 جوابدارن جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. جوابدارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته پهرين جائزو ورتو وڃي ته هي معاملو دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو يا نه، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته ڇو نه جائزو وٺڻ لاءِ هي معاملو واپس ٽرائل ڪورٽ موڪلي ڇڏيون.

عدالت وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماتحت عدالت فساد في الارض جو به جائزو وٺي سگهي ٿي، جنهن تي وڪيلن چيو ته هاءِ ڪورٽ هي نقطو لکڻ کان پاسو ڪري نه ته ماتحت عدالت ان کي لازمي ڪري ڇڏيندي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا جوابدارن کي سزا ٻڌائي هئي. جنهن وقت شاهه رخ جتوئي کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي ان وقت سندس عمر 18 سالن کان گهٽ هئي؛ ڪيس نابالغن لاءِ سسٽم تحت هلڻ گهرجي ها. پراسيڪيوٽر جنرل عدالت کي ٻڌايو ته مقتول شاهزيب ۽ شاهه رخ جي فيملي وچ ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي ٻڌايل موت واري سزا ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس جي ڪارروائي سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ذاتي تڪرار وارو معاملو دهشتگرديءَ جي زمري ۾ نه ٿو اچي. واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2013ع ۾ شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي موت جي سزا ۽ وڌيڪ ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *