Wednesday , April 17 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ ۾ اسڪول بند هجڻ ۽ اسڪولز جي زبون حال عمارتن جو نوٽيس ورتو

Sindh School 02

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسڪول بند هجڻ ۽ اسڪولي عمارتن جي زبون حالت بابت ميڊيا تي خبرن جو نوٽيس وٺي ورتو آهي. چيف جسٽس سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز، ڊي سي کي هدايت ڪئي آهي ته اسڪولن جا اوچتا دورا ڪري مانيٽرنگ ڪئر وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ سنڌ ۾ بند پيل ۽ زبون حال اسڪولز جو نوٽيس وٺندي ايس ايم سي فنڊن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته مختلف ضلعن ۾ اسڪول بند پيل آهن ۽ ڪيترائي اسڪول زبون حال ٿيڻ باوجود انهن ۾ ٻار پڙهي رهيا آهن.

Sindh School 05

سنڌ هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سنڌ جي مختلف شهرن ٿرپارڪر، مٺي، قمبر، بدين، ڪشمور، ڪاڇو، خانپور  مهر سميت سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بند پيل ۽ زبون حال بڻيل اسڪولز بابت ميڊيا تي آيل خبرن تي نوٽيس وٺندي لاڳاپيل سيشن ججز، ڊي سيز ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اسڪولن جا دورا ڪري مڪمل رپورٽ ڏني وڃي.

چيف جسٽس هائيڪورٽ اسڪولي جي ايس ايم سي فنڊز بابت 10 سالن جو رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ سيڪريٽري تعليم، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ تعليم کاتي جي آفيسرز کي بند پيل ۽ زبون حالي جو شڪار اسڪولز بابت رپورٽ جمعي ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Sindh School 04

چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسڪول بند پيل آهن ۽ ڪيترائي اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن پر ان جي باوجود به ٻار انهن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن. واضح رهي ته چيف جسٽس هائيڪورٽ مختلف اخبارن ۾ بند پيل اسڪولز بابت آيل خبرن تي نوٽيس ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *