Saturday , April 20 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ٿر ۾ مفت ڪڻڪ ورهائڻ واري عمل تي بي اعتمادي جو اظهار

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ٿر ۾ مفت ڪڻڪ ورهائڻ بابت رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾جمع ڪرائي وئي،عدالت رپورٽ کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو،رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪڻڪ جي حقدار عورتن کي ڪڻڪ نه ڏني وئي، عدالت سيشن جي جي رپورٽ جي بنياد تي ڪڻڪ ورهائڻ واري عمل تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي انتظام بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس ، جسٽس احمد علي شيخ ٿر ۾ ڪڻڪ جي ورڇ دوران مستحق ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف معاملي جي شنوائي ڪئي. عدالت ۾ سيشن جج ٿرپارڪر پيش ٿي رپورٽ پيش ڪندي تصديق ڪئي ته ڪڻڪ جي ورڇ دوران حقدارن ماڻهن سان انصاف نه ٿيو. هن ڄاڻايو ته عملي جي کوٽ سبب تمام گهٽ حقدار عورتن تائين امداد پهتي. سيشن جج پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته 22 کان 24 مئي تائين ٽن ڏينهن دوران صرف 368 ڪڻڪ جا ٿيلها عورتن ۾ ورهايا ويا. رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته حقدار سمورو ڏينهن انتظار ڪرڻ کانپوءِ  مايوس ٿي خالي هٿين واپس هليا ويا. ان موقعي تي سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ  چيو ته سيشن جج جي رپورٽ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. عدالت هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي ورڇ ڪندڙ عملي ۾ اضافو ڪيووڃي ۽ مناسب قدم کنيا وڃن.عدالت اهو به ڄاڻايو ته گرمي سبب عورتن لاءِ تنبو لڳايا وڃن. عدالت اهو به حڪم ڏنو ته گرمي سبب عورتن لاءِ ويهڻ جي جاءِ جو بندوبست به ڪيو وڃي. ان موقعي تي ٿر پارڪر جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام  جو ڊائريڪٽر جنرل  به عدالت ۾ پيش ٿيا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *