Friday , March 29 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ تيل ۽ گئس ڪمپنين کان مقامي ماڻهن جي نوڪرين جا تفصيل طلب ڪري ورتا

 

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ تيل ۽ گئس ڪمپنين کان مقامي ماڻهن جي ملازمتن بابت انگ اکر طلب ڪندي چيو آهي ته 2012 کان عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو ويو، 8 سالن دوران مقرر ٿيل چيف سيڪريٽريز خلاف توهين عدالت جي ڪارورائي ڪئي ويندي، موجوده چيف سيڪريٽري جي معذرت تي عدالت سندس خلاف في الحال ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ لاڳاپيل ضلعن ۾ عوامي ڀلائي جا ڪم نه ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌني ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت فيصلي ۾ چيو ته، 2012 کان هيل تائين تيل ۽ گئس ڪمپنين عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو، ان دوران سنڌ جي چيف سيڪريٽرين به عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرايو. ان موقعي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه پاران عدالت کان معذرت واري درخواست تي سندس خلاف ڪارروائي في الحال ملتوي ڪندي چيو ته گذريل 8 سالن دوران سنڌ ۾ مقرر ٿيندڙ سمورن چيف سيڪريٽريز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

سنڌ ۾ مقرر ڪيل چيف سيڪريٽريز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ ڪم ڪندڙ آئل اينڊ گئس ڪمپنيز ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ڪم ڪندڙ آئل اينڊ گئس ڪمپنيز جي نمائندن / وڪيل کي حڪم ڏنو ته ڪمپنين ۾ نوڪريون ڪندڙ مقامي ماڻهن جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن، ڪمپنين پاران هيل تائين لاڳاپيل علائقن ۽ ضلعن ۾ ڪرايل ترقياتي ڪمن جا تفصيل به مهيا ڪيا وڃن. عدالت پاران قائم ٿيل ضلعي ڪميٽيز کي 10 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته لاڳاپيل ضلعن جا سيشن اينڊ سول جج ترقياتي منصوبن جي مانيٽرنگ ڪن. عدالت آئل اينڊ گئس ڪمپنيز کي حڪم ڏنو ته اهي به منصوبن جي نگراني ڪن جڏهن ته عدالت پاران نگراني لاءِ ڪمپنيز کي پنج ڏينهن اندر فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪمپنين جا نمائندا لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز سان گڏجي ڪم ڪن ۽ ترقياتي منصوبا مقامي ماڻهن جي مرضي ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي شروع ڪيا وڃن. عدالت هدايت ڏني ته گئس ۽ آئل جي کوهن جي پنج ڪلو ميٽرز تائين واري آبادي کي گئس جي فراهمي يقيني بڻائڻ کي به ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. عدالت حڪم ڏنو ته وڏو وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن بابت عملدارن کي آگاهه ڪري.

لاڳاپيل خبر لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران سنڌ حڪومت کي مليل ساڍا 5 ارب رپيا ڪاڏي ويا؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *