Friday , March 29 2024

سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جو مامرو سينيٽ ۾: سنڌ مان مان سياسي ڪارڪنن جو معاملو انتهائي سنگين ٿي ويو آهي: تاج حيدر

khuwajaTaji Haider 02

اسلام آباد: پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن / سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وارو معاملو انتهائي سگني ٿي ويو آهي. سينيٽر ڪريم خواجا چيو آهي ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو چلي جيان گڏيل قومن ۾ وڃي.

سينيٽ ۾ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ اي اين پي سميت گڏيل مخالف ڌر پاران سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي رٿ تي بحث، تاج حيدر چيو آهي ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو سنگين ٿي ويو آهي، سينيٽر ڪريم خواجا چيو آهي ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو حل نه ٿيو ته وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين لاءِ ڏکيائيون وڌي وينديون. سينيٽ ۾ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن واري معاملي بابت پيپلز پارٽي، اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر جي پارٽين پاران پيش ڪيل رٿ تي بحث ڪيو ويو.

بحث دوران ڳالهائيندي سينيٽر تاج حيدر چيو ته سنڌ مان سياسي پارٽين جا ڪارڪن گم ڪيا پيا وڃن، جسقم پاران سندن ڪارڪن خادم آريجو ۽ صابر چانڊيو سميت 7 ڪارڪنن جي گمشدگي جي فهرست ڏني وئي آهي، جيڪي وڏي عرصي کان گم آهن.  تاج حيدر چيو ته جسقم جسقم سان اسان جا هزارين اختلاف آهن پر ماڻهو گم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، سنڌ مان سياسي ڪارڪنن جي گمشدگي واري صورتحال انتهائي سنگين ٿيندي پئي وڃي.

پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت حڪومت کي چوندا رهيا آهيون، پر ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو، گم ٿيل ماڻهن بابت سينيٽ کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو سگين ٿي ويو آهي

ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو ته چلي مان به هزارين ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو جن بابت گڏيل قومن ۾ ان وقت پاڪستان جي نمائندي غلام علي الانا جي هڪ رپورٽ تي گڏيل قومن مداخلت ڪئي ۽ انهن گم ڪيل ماڻهن کي آزادي ملي. پ پ سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته گمشدگين واري معاملي تي هتان جا ماڻهو به گڏيل قومن سان رابطو ڪن؟. ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو ته بلوچستان مان ماڻهن جي گمشدگين بعد اهو معاملو سنڌ ۾ به شروع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن سلسلو جاري رهيو ته حالتون هٿن مان نڪري ويندوين ۽ وفاق پرست پارٽين کي صوبي اندر نقصان ٿيندو.

ماڻهن جي گمشدگين واري معاملي سان حڪومت جو ڪو به واسطو ناهي: مملڪتي وزير بليغ الرحمان جي وضاحت

Balegh Ur Rehman

ٻئي طرف گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير بليع الرحمان گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي وضاحتي بيان ڏيندي چيو آهي ته، گم ٿيل ماڻهن واري معاملي سان حڪومت جو ڪو به واسطو نه آهي.

مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو ته، غير قانوني ڪم ڪهڙو به ادارو ڪري اُهو غلط هوندو آهي، ڪنهن به اداري کي ماڻهو گم ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي ۽ اهڙُ عمل غير قانوني آهي.

ڪراچي: سنڌ مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي خلاف حيدر آباد کان ڪراچي پريس ڪلب تائين پيادل مارچ به ڪيو ويو

Punhal

سنڌ جي مختلف علائقن مان گم ٿي 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگين خلاف سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن ۽ سندن وارثن پاران حيدرآباد کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪيو ويو هو جيڪو 3 ڏينهن اڳ ڪراچي پريس ڪلب آڏو پهچي پڄاڻي تي پهتو هو. جتي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو هو ته، گم ٿيل ماڻهن جو ڪو ڏوهه آهي ته کين عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي.

هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پاران 5 جولاءِ تي حيدرآباد کان نڪتل پيادل مارچ 17 جولاءِ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو پهچي پڄآڻي تي پهتو هو. پنهل چانڊيو، معشوق چانڊيو، سورٺ لوهار ۽ ٻين پريس ڪلب قافلي کي خطاب لندي ۽ ميڊيا ساجتي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻ چيو هو ته، گذريل ڪجهه هفتن دوران 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي گم ڪيو ويو آهي، جن بابت لاڳاپيل ادارا وارثن کي ڪابه ڄاڻ نه پئي ڏني وڃي.

سندن چوڻ هو ته هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ پاران گڏ ڪيل معلومات مطابق گم ڪيل ماڻهن خلاف ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه آهي ۽ نه ئي اُهي ڪنهن ڏوهاري سرگمي ۾ ملوث رهيا آهن. پنهل ساريو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، هنن 5 جولاءِ تي حيدرآباد مان پيادل مارچ شروع ڪيو ان دوران وڌيڪ 9 ڄڻن کي گم ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته گم ڪيل ماڻهن تي جيڪڏهن ڪو ڪيس داخل آهي يا اُهي ڪنهن ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث آهن ته کين فوري طور تي ظاهر ڪري عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *