Friday , April 19 2024

سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ باهه؛ هائوسنگ سوسائٽيز،صحت ۽ خوراڪ کاتن سميت مختلف کاتن جو رڪارڊ سڙي ڇار ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ نمبر-2 / نيو سيڪريٽريٽ ۾ لڳل باهه جي نئين عمارت ۾ لڳل باهه جي نتجي ۾، صحت کاتي، ڪوآپريشن، خوراڪ ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتن سميت مختلف کاتن جي مخصوص سيڪشنز جو رڪارڊ سڙي ڇار  ٿي ويو. متاثر بلڊنگ جي هڪ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ آفيس اسسٽنٽ جو چوڻ آهي ته سڙي ويل رڪارڊ انتهائي اهم فائيلز به شامل آهن. پوليس، فائربرگيڊ سميت سرڪاري طور تي اڃا تائين باهه لڳڻ جو ڪارڻ ناهي ٻڌايو ويو. سنڌ سيڪريٽريٽ جي نئين عمارت ۾ لڳل باهه بابت فائربرگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته، کين ڇنڇر ڏينهن شام 5 لڳي 57 منٽن تي اطلاع مليو ته سنڌ سيڪريٽريٽ نيو بلڊنگ ۾ باهه لڳي آهي، باهه وسائڻ لاءِ فائرٽينڊر موڪليا وڃن. جنهن بعد فري طور تي فائر ٽينڊر موڪليا ويا، جن باهه تي ضابطو آندو.

نيو سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ نمبر 2 ۾ لڳل باهه بابت ساڳئي عمارت ۾ قائم هڪ کاتي جي اسسٽنٽ نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو ته، باهه عمارت جي ڇهين ماڙ تي لڳي، ڇهين ماڙ تي صحت کاتي جون آفيسون قائم آهن. هن ٻڌايو ته، باهه ڇهين ماڙ تي لڳي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي پهرين ماڙ تائين پهچي وئي پر ان تي ضابطو نه آيو. ساڳئي عمارت ۾ ڪم ڪندڙ هڪ آفيسر ٻڌايو ته، صحت، خوراڪ، ڪوآپريشن (جنهن ۾ هائوسنگ سوسائيٽيز به شامل آهن) ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جون به آفيسون قائم آهن. عمارت جي جنهن ونگ/پاسي کان باهه لڳي آهي، ان پاسي کان سمورن کاتن جا اهم سيڪشنز آهن، جن ۾ انتهائي اهم ۽ پراڻو رڪارڊ پڻ رکيل هوندو هو. هن ٻڌايو ته باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ امڪان اهو آهي يته انهن سمورن کاتن جو پراڻو ۽ انتهائي اهم رڪارڊ سڙي ويو آهي. نيو سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جون پڻ آفيسز ۽ انهن جا مختلف سيڪشن آهن، انهن جي آفيسن جي رڪارڊ بابت به اطلاع آهن(جن بابت پڪي خبر ناهي) ته چيف سيڪريٽري جي آفيس به متاثر ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *