Friday , March 29 2024

سنڌ سرڪار ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي ڪٽنب کي هيسائڻ لڳي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران چيف سيڪريٽري کي نوٽيس

    ڊي جي ايف آءِ اي  بشير ميمڻ-فائيل فوٽو

ڪراچي(اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي جي ڊائريڪتر جنرل بشير ميمڻ جي ڪٽنب کي هيسائڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ جي پٽ منظر بشير ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ سرڪار خلاف آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري، آءِ جي پي سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي جواب ڏنو وڃي.

منظر بشير ميمڻ

منظر بشير ميمڻ سينئر وڪيل شهاب اوستو معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته، سنڌ سرڪار سندس ڪٽنب کي بنا جواز جي مختلف بهانن سان تنگ ڪري هيسائڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي منظر ميمڻ جو چوڻ آهي ته، سنڌ سرڪار سندس ڪٽنب کي مختلف طريقن سان هيسائي ۽ ڊيڄاري رهي آهي. حڪومت بنا جواز جي سندس خاندان جي سرڪراري ملازمن/آفيسرز کي بدلي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري رهي آهي. درخواست ۾ هن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ مهيا ڪيو وڃي. ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي درخواست تي عدالت چيف سيڪريٽري سميت ڌر ڄاڻايل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *