Friday , March 29 2024

سنڌ سرڪار پاران نساسڪ بند ڪرڻ جو فيصلو، سپريم ڪورٽ پاران رپئي رپئي جو حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو

سپريم ڪورٽ نساسڪ جي  قيام کان مارچ 2017 تائين جاري ڪيل سمورن فنڊز جي چارٽر اڪائونٽنٽس کان فرانزڪ آڊٽ ڪرائي ٻن مهينن اندر رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عوام جي پگهر ۽ رت جي پئسي جو زيان ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ صاف پاڻي جي فراهمي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار باضابطه طور عدالت کي ٻڌايو  ته، نساسڪ کي جن مقصدن لاءِ قائم ڪيو ويو هو، هي ادارو اُهي مقصد حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ان ڪري ان کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏيندي چيو ته عوام جي رت ۽ پگهر جي پائي پائي  غلط استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي.

عدالت چيو ته عالمي ادارن کان قرض کڻي اربين ڊالرز هڪ منصوبي تي لڳايا ويا پر ڪنهن وٽ به هڪ رپئي جي خرچ جو حساب نه آهي.

چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي اجازت کانسواءِ اداري ۾  735 ملازم ڀرتي ڪري سندس پگهار جي مد ۾ ساڍا 3 ڪروڙ رپيا ماهوار بار وڌو ويو آهي.

چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت نساسڪ کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته نساسڪ نتيجا نه ڏئي سگهيو آهي.

عدالت چيو ته نساسڪ وارا عوام جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، عدالت ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيشن جج کي پراجيڪٽ جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت چيف سيڪريٽري کي نساسڪ بابت سرڪاري موقف سڀاڻي تائين لکت ۾ جمع ڪرائڻ نساسڪ جي  جاري ڪيل فنڊز جي فارينزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *