Friday , April 26 2024

سنڌ سرڪار بدامني روڪڻ ۾ ناڪا ٿي وئي آهي: ارباب غلام رحيم

مٺي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ جو انتهائي پرامن علائقو به بدامني جي ور چڙهي ويو آهي، هندو ڀائر سنڌ جي سونهن آهن ساڻن زيادتين خلاف هر فورم تي آواز اٿارينداسين. ارباب غلام رحيم مٺي ۾ قتل ٿي ويل هندو ڀائرن جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي وارثن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب رحيم چيو ته سنڌ سرڪار جي بدانتظامي جا کوڙ مثال آهن، انهن جي ئي ڪڙي آهي جو سنڌ جو محفوظ ترين ۽ پرامن ٿر به بدامني جي ور چڙهي ويو آهي، سرڪار بدامني روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته ٿر جهڙي پرامن خطي ۾ قتل جو واقعو افسوسناڪ عمل آهي. ٿر اهو واحد خطو آهي، جتي چوري جو به تصور نه هو ۽ اڄ هتي قتل ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر ۾ قتل ٿيل ٻن هندو ڀائرن جي وارثن سان تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان قتل خلاف پهرين ڏينهن ئي احتجاج ڪيو هو. ارباب رحريم اعلان ڪيو ته مقتول ڀائرن جي وارثن کي انصاف نه مليو به ٻيهر به احتجاج ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ٿرپارڪر ٿرڪول ايريا جو ضلعو آهي، ان ڪري سيڪيورٽي انتظام بهتر ڪيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *