Saturday , April 20 2024

سنڌ سرڪار، سنڌ پريس نيوز پيپر، نيوز ايجنسي ۽ بڪ بل 2017 تان هٿ کڻي وئي

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ سرڪار صحافي ۽ ادبي تنطيمن جي اعتراضن کانپوءِ سنڌ پريس نيوز پيپر، نيوز ايجنسي ۽ بڪ بل 2017 تان هٿ کڻي وئي، جنهن کانپوءِ بل کي سنڌ اسمبلي ۾ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اي جي سنڌ جو چوڻ آهي ته صحافين ۽ اديبن سان مشوري بعد بل جو نئون مسودو تيار ڪيو ويندو. سنڌ سرڪار صحافي ۽ ادبي تنطيمن جي اعتراضن کانپوءِ سنڌ پريس نيوز پيپر، نيوز ايجنسي ۽ بڪ بل 2017 تان هٿ کڻي وئي آهي.

سنڌ سرڪار پاران بل کي هاڻي منظوري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اي جي سنڌ ضمير گهمرو جو چوڻ آهي ته صحافي ۽ ادبي تنظيمن جي اعتراضن بعد بل ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاڻي صحافي ۽ ادبي تنطيمن جي اڳواڻن سان مشوري بعد بل جو نئون مسودو تيار ڪيو ويندو، جنهن بعد ان جي سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي مان منظوري ورتي ويندي. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ سرڪار سنڌ پريس نيوز پيپر، نيوز ايجنسي ۽ بڪ بل 2017 سنڌ ڪابينا مان منظور ڪرايو هو، جنهن تي صحافي ۽ ادبي تنظيمن اعتراض ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته بل ۾ ڪجهه اهڙيون شقون شامل آهن، جيڪي آمريتي دور جون آهن.

 

لاڳاپيل نيوز جي لنڪ

www.sindhsamaachar.com/2017/09/26/%D9%87%D8%B1%D9%82%

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *