Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت پاران ننڍن کاتيدارن کي سستا ٽريڪٽر ڏيڻ واري اسڪيم جا 5780 ٽريڪٽر دل گهرين زميندارن حوالي

tractors2

مختلف وقتن تي سستا ٽريڪٽرز حاصل ڪرڻ بابت هڪ اشتهار

سنڌ سرڪار پاران ننڍن آبادگارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽرز خريد ڪري ڏيڻ ۾ مالي مدد واري اسڪيم ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپين جون مالي گهوٻيون هنيون ويون آهن، جنهن ڀانڊو ڦاٽي پيو آهي.

رپورٽ موجب آبادگارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽر ڏيڻ واري اسڪيم ۾ تحت پنج هزار 780 ٽريڪٽر بغير سڃاڻپ ڪارڊن جي من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ ۽ آبادگارن جي نالي تي نڪتل اڍائي هزار ٽريڪٽر ننڍن کاتيدارن کي ڏيڻ بدران اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ واري مامري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن  ۾، زراعت کاتي جي ٽن ڊائريڪٽرز آغا عبدالقادر، عطاءُ الرحمٰن مري، شڪيل شيخ ۽ خانگي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر شهزاد رياض جوابدار طور نامزد ڪيو ويوآهي، جن کي گرفتار ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.

ذميوار ذريعن کان مليل رپورٽ موجب سنڌ سرڪار طرفان مالي سال 10-2009ع ۾ پهرين اچو پهريان وٺو واري ٽريڪٽر اسڪيم ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپين جو فراڊ جو انڪشاف ٿيو آهي. فراڊ ذريعي 5780 ٽريڪٽر من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جو به الزام لڳايو ويو آهي. الزام لڳايو ويو آهي ته زراعت کاتي ۽ خانگي ڪمپني جي ملي ڀڳت سبب هزارين ٽريڪٽرز جي آبادگارن ۾ ورڇ ٿيڻ بدران من پسند ماڻهن کي ڏنا ويا.

اهو فراڊ گذريل چئن سالن دوران سامهون آيو، سال 2009، 2010، 2011 ۽ 2012 ۾ اهي ٽريڪٽر سبسڊي بنيادن تي آبادگارن بدران من پسند ماڻهن ۾ ورهايا ويا. جن ٽريڪٽرن جو انگ 5780 ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته 2500 ٽريڪٽرن جو انگ اهڙو آهي، جيڪي آبادگارن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي بيلٽنگ ذريعي نڪتا پر اهي ٽريڪٽر خانگي ڪمپني آبادگارن کي ڏنا ئي نه ويا، آبادگارن جا سڃاڻپ ڪارڊ چوري ڪري من پسند ماڻهن کي ٽريڪٽر ڏيڻ ۾ استعمال ڪيا ويا، ٽريڪٽرن جي ورڇ ۾  جعلسازي ۽ فراڊ ڪري هڪ ڀيرو 75 ڪروڙ 36 لک ۽ ٻيو ڀيرو 3268 ٽريڪٽرن جو فراڊ ڪري 65 ڪروڙ 36 لک رپين جو صوبائي خزاني کي نقصان پهچايو ويو. اهي ٽريڪٽر 16 ايڪڙن تائين آبادگارن ۾ ورهائڻا هئا پر فراڊ ذريعي انهن ننڍن آبادگارن کي فائدو  نه ڏنو ويو، ايف آءِ آر سنڌ زراعت کاتي جي ٽن ڊائريڪٽرن سميت خانگي ڪمپني جي سي اي او تي داخل ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته 4 مارچ 2017ع تي شهزاد رياض ڊي جي رينجرز سنڌ کي خط لکي چيو هو ته کيس اومني گروپ جي انور مجيد ۽ سلمان يونس مان خطرا آهن، هن چيو ته مون کي بيلاروس ٽريڪٽر جي 603 جي اسٽاڪ مان بيدخل ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ماليت 90 ڪروڙ آهي، هن اهو به چيو ته انور مجيد منهنجي بزنس تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *