Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت پاران اين ٽي ايس پاس استادن کي لالي پاپ ڏيڻ جي ڪوشش، ڳالهيون ناڪام

ڪراچي ( رپورٽر      سنڌ سماءَ چار ) ڪراچي ۾ استادن ۽ تعليم کاتي وچ ۾ ڳالهين جو هڪ ٻيو دور به بنا نتيجي ختم ٿيڻ بعد استادن پريس ڪلب آڏو ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي،جڏهن ته اسپيشل سيڪريٽري ايجوڪيشن استادن کي 10 ڏينهن اندر مطالبا تسليم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي احتجاج ختم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. اين ٽي ايس ٽيسٽ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو پنجين ڏينهن به بک هڙتال جاري آهي. استادن جي 7 رڪني وفد ۽ تعليم کاتي جي عملدارن وچ ۾ ڪمشنر آفيس ۾ ڳالهيون به ٿيون، جنهن ۾ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر ۽ تعليم واري سيڪريٽري اقبال دراني شرڪت نه ڪئي. ڳالهيون ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهڻ بعد بنا نتيجي ختم ٿي ويون، جنهن بعد اسپيشل سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب پهچي استادن کي 10 ڏينهن اندر مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چيو. استادن اسپيشل سيڪريٽري جي چوڻ تي احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي بک هڙتال جاري رکڻ جو فيصلو  ڪيو آهي. ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس استادن جي مستقلي واري معاملي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چيو  ته جنهن استاد کي پڙهائڻ نٿو اچي ان کي سسٽم کان ٻاهر هئڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *