Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت پاران آبادگارن سان صلاح مشوري کانسواءِ ڪڻڪ جو اگهه مقرر

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت آبادگارن سان صلاح مشوري کانسواءِ ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ڪابينا ۾ ڪيل فيصلي مطابق، ڪڻڪ جي پلاسٽڪ واري 50 ڪلو گرام ڪٽَي جو اگهه 3215 رپيا ۽ اڍائي مڻ واري ٻوري جو اگهه 3315 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ ڪابينا جي گذريل فيصلن جي حتمي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اجلاس ۾ صوبي ۾ ڪڻڪ خريداري لاءِ 6 ارب 70 ڪروڙ رپيا سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيوھڻ، ملير، لياري، ڪي ڊي اي، حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ميمبرز جي مقرري جا اختيار وڏي وزير حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سنڌ ڪابينا پاران پينو فقيرن کي روڪڻ لاءِ اسٽريٽ چائيلڊ ھوم ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  ڪورنگي ۾ اسٽريٽ چلڊرين ھوم 2 مھينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ زڪوات عشر ايڪٽ ۾ ترميم جي به منظوري ڏني وئي، اهو ايڪٽ سڀني ضلعن تي لاڳو ٿيندو.

ڪابينا اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته جي آءِ ٽي جي هدايتن تحت سنڌ حڪومت اومني گروپ کي ڪا به سبسڊي نه پئي ڏئي. صوبائي صلاحڪار جو چوڻ هو ته ڪِيپيٽوَ پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏني ويندي، پاور پلانٽس کي ان لاءِ سبسڊي ڏئي رھيا آھيون ته جيئن سنڌ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اچي. هن چيو ته خميس ڏينھن پاڻي معاملي تي اسلام آباد ۾ اجلاس گھرايو ويو آھي، جنهن ۾ 1991 جي پاڻي ٺاھ تي عمل نه ٿيڻ خلاف آواز اٿاريو ويندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه پاڻي بابت اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙھيو ويندو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ پوليس آفيسرز کي پابند ڪيو ويو آھي ته ھو پينو فقيرن کي روڪڻ لاءِ سدندن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *