Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت نوڪرين لاءِ گهرايل درخواستون گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيون،وڏو وزير خاموش

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز ) پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کان ميرٽ تي نوڪرين لاءِ گهرايل درخواستون گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيو آهن، اهڙي عمل بعد نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ واريون دعوائن تان پردو لهي ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي.سنڌ سرڪار پاران نوجوانن کي بنا سفارش جي ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ واري دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي وئي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان نوڪرين لاءِ جمع ڪرايل هزارين درخواستون سنڌ سيڪريٽريٽ مان ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايون ويون آهن.

سنڌ حڪومت جي عام انتظامن واري کاتي ( سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ) وٽ مختلف کاتن ۾ خالي پيل جاين لاءِ جمع ڪرايل هزارين درخواستون لاڳاپيل کاتن ڏانهن موڪلڻ بدران ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايون ويون آهن. جنهن کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران نوجوانن کي بنا سفارش جي ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ واري دعويٰ تي سواليا نشان لڳي ويو آهي.صوبائي سرڪار جو ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ واري دعويٰ ڪوڙي تڏهن ثابت ٿي جڏهن ته ڪي ٽي اين نيوز جي ٽيم پاران ڍير جي صورت ۾ پيل ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته اڄ به بيروزگار اميدوار نوڪرين لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندي نظر آيا. ردي ڪري اڇلايل درخواستون اميدوارن ڪلارڪ، چوڪيدار، پٽيوالي ۽ ڊرائيور جي پوسٽن لاءِ جمع ڪرايون ويون هيون.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *