Tuesday , April 16 2024

سنڌ حڪومت عدالتي منع نامي باوجود شرجيل ميمڻ کي اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيو، وڏي وزير به ساڻس ملاقات ڪئي

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار نيوز ) احتساب عدالت پاران ڪرپشن ڪيسز ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي جيل کان اسپتال منتقل ڪرڻ کان منع ڪرڻ باوجود سنڌ سرڪار شرجيل ميمڻ کي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شرجيل سان جناح اسپتال وڇي ساڻس نويڪلائي ۾ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه به ڪئي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ ڏينهن اڳ سينٽرل جيل ڪراچي مان جناح اسپتال منتقل ڪيل اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات دوران مراد علي شاهه ڪافي دير شرجيل انعام ميمڻ وٽ ترسيو ۽ سندس طبيعت معلوم ڪئي. ڪراچي جي احتساب عدالت گذريل ٻڌڻي تي جيل انتطاميا کي هدايت ڪئي هئي ته شرجيل ميمڻ کي جيل کان اسپتال منتقل نه ڪيو وڃي. جيل انتظاميه ۽ سنڌ سرڪار عدالتي حڪمن خلاف عمل ڪندي شرجيل ميمڻ کي جناح اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙو عمل توهين عدالت جي دائري ۾ اچي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *