Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت جي خزاني ۾ 50 ڪروڙ رپين جون گهوٻيون

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) آڊيٽر جنرل سنڌ حڪومت جي خزاني کي 50 ڪروڙ رپين جي کاٽ لڳڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، مالي سال 2016 ۽  2017 دوران مختلف کاتن جي خرچ ڪيل رقم جي آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آحي ته، وزيراعليٰ هائوس جي بجيٽ جي 18 ڪروڙن جو ڪو رڪارڊ ئي ناهي مليو ۽ شهيد بينظير ڀٽو يوٿ پروگرام تحت اسڪل ڊيولپمينٽ جي نالي تي ٽريننگ لاءِ 13 ڪروڙ پيا اهڙن ٽرينرز کي جاري ڪيا ويا جيڪي تربيت ڏيڻ ۽ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن به نه آيا.

آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، 2016 ۽ 2017 جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته وزير اعليٰ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. سي ايم هائوس جي بجيٽ ۾ سال 2016-17 دوران صرف ٻن سالن ۾ ڪيل خرچن جي 18 ڪروڙ رپين جي رقم ڪرپشن جي نظر ٿي وئي آهي ۽ ان رقم جو ڪو به رڪارڊ نه ٿو ملي ته اها رقم ڪيئن ۽ ڪٿي خرچي وئي آهي.

رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بينظير يوٿ پروگرام  جي ٽريننگز لاءِ 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي،جنهن مان هڪ پئسو به ٽريننگ تي خرچ نه ڪيو ويو. ان اسڪل ڊيولپمينٽ جي نالي تي تربيت ڏيندڙ ۽ تربيت وٺندڙن مان ڪو به هڪ ڏينهن جي لاءِ به تربيت ڏيڻ ۽ تربيت  وٺڻ نه آيو پئسا خرچ ڪيل ڏيکاريا ويا. رپورٽ مطابق وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري جي فنڊز جي آڊٽ ۾ به  3 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ٿي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايوويو آهي ته اسڪل ڊيولپمنٽ پروگرام مان هڪ ڪروڙ 70 لک رپيا غير قانوني طور تي ڪڍيا ويا. آڊٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته لکين رپين جا ٽينڊر  غير قانوني طور تي ڏنا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *