Tuesday , April 16 2024

سنڌ حڪومت آدمشماري جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا، سي سي آءِ ۾ وڃڻ جو اعلان

census-karachi2

سنڌ سرڪار نئين آدمشماري جي انگ اکرن کي غلط قرار ڏيندي رد ڪندي معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه سعودي عرب مان واپسي تي معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ لاءِ تياري ڪنداسين. شماريات کاتي جي تڪراري انگ اکرن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج پاران گڏ ڪيل انگ اکر وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته آدمشماري دوران اسان خدشن جو اظهار ڪندي چيو هو ته شماريات کاتي ۽ فوج جي ٽيم سان گڏ سنڌ سرڪارجي هڪ ميمبر کي به انگ اکر گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي پر اسان جي تجويز تي عمل نه ڪيو ويو. سنڌ سرڪار آدمشماري جا نتيجا روزاني جي بنياد تي پڌرا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو پر اهو به رد ڪيو ويو. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه سعودي عرب مان واپسي  بعد هڪ اجلاس سڏائيندو، جنهن بعد معاملي کي سي سي آءِ جي اجلاس ۽ وزير اعظم آڏو  اٿاريو ويندو. شماريات کاتي جي تڪراري انگ اکرن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج پاران گڏ ڪيل انگ اکر وٺڻ جي به  ڪوشش ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *