Thursday , March 28 2024

سنڌ جي 21 ضلعن ۾ آدمشماري جو ٻيو مرحلو اڱاري کان شروع ٿيندو، _ هر پرڻيل جوڙو پنهنجو الڳ گهر لکرائي سگهندو،تازو ڄاول ٻار به ڳڻيو ويندو

census-karachi2

سڄي ملڪ ۾ 19 سالن کانپوءِ ٿيندڙ آدمشماري جو پهريون مرحلو 15 اپريل تي مڪمل ٿيڻ بعد، ٻئي مرحلي جي شروعات اڱاري ڏينهن 25 اپريل کان شروع ٿي رهي آهي، جنهن جون سموريون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن.

ملڪ جي ٻين حصن جيان، سنڌ ۾ به آدمشماري جو ٻيون مرحلو 25 اپريل کان شروع ٿي رهيو آهي. ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي رهيل 21 ضلعن ۾ گهر شماري جون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن.

آدمشماري جي ٻئي مرحلي دوران، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، خيرپور، دادو، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد/نوابشاهه، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ، ميرپور خاص، بدين، ٺٽو، سجاول، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر، ڄامشورو۽ ٽنڊوالهيارشامل آهن.

سمورن ضلعن ۾ آدمشماري دوران سول عملي جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي سڀ لاڳاپيل ضلعن ۽ تعلقن ۾ پهچي ويا آهن.

census logocensus-karachi

آدمشماري جي هن ٻئي مرحلي جي پهرين حصي ۾ ٺاهيل ٻن بلاڪن ، بلاڪ 1 ۽ بلاڪ 2 مان بلاڪ ون ۾ آدمشماري وارو ابتدائي مرحلو، 25 کان 27 اپريل تائين ٽن ڏينهن تائين فار ٽو (2) ڀريو ويندو، جنهن ۾ گهر شماري ڪئي ويندي. گهرن جي ڳڻپ دوران شهرن ۽ بازارن ۾ دڪانن ۽ شاپنگ سينٽرز، ۽ نيون اڏجندڙ عمارتون/گهر به ڳڻيا ويندا.

ان بعد 28 هين اپريل کان ڪٽنبن ۽ انهن ۾ شامل ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي جيڪا 7 مئي تائين جاري رهندي. 8 مئي تي بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي.

جنهن بعد آدمشماري جي ٻئي مرحلي جو ٻيو حصو جنهن ۾ ٺاهيل بلاڪن مان بلاڪ ٽو_2 جي گهرن جي ڳڻپ شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ به ساڳئي طريقي سان فارم ٽو_2 ڀريو ويندو جيڪو گهرن جي ڳڻپ تي مشتمل هوندو.

گهرن جي ڳڻپ دوران شهرن ۽ بازارن ۾ دڪانن ۽ شاپنگ سينٽرز، ۽ نيون اڏجندڙ عمارتون/گهر به ڳڻيا ويندا، جڪو عمل 11 کان 13 مئي تائين جاري رهندو. ان بعد 14 کان ڪٽنبن ۽ انهن ۾ شامل ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي جيڪا 23 مئي تائين جاري رهندي. ان مرحلي ۾ به بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي جيڪو عمل 25 مئي تائين جاري رهندو.

census saman2

پنجاب صوبي جي ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، جهلم ساهيوا ۽ اوڪاڙا سميت 22 ضلعا شامل آهن جن ۾ آدمشامري ڪئي ويندي.

خيبرپختونخوا صوبي جي بنو، ڪوهاٽ، ڪرڪ، ٽانڪ، مالاڪنڊ، اپر دير، لوئر دير سميت 18 ضلعن ۾ آدمشماري ڪئي ويندي.

بلوچستان جي صحبت پور، گوادر، لورالائي، قلعا صيف الله، ڪڇي/بولان، سبي هرنائي ۽ بارکان سميت 17 ضلعن ۾ آدمشماري جو ٻيو مرحلو 25 اپريل کان شروع ٿي رهيو آهي.

آزاد جمون ڪشمير جي 5 ضلعن، گلگت بلتستان جي به پنج ضلعن ۾ آدمشماري ڪئي ويندي.

census image2

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *