Friday , March 29 2024

سنڌ جي وڏ وزارت جي ڪرسي تي هن ڀيري به ٻه وڏا وزير ويهندا..!!

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) 25 هين جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن ۾ سنڌ اندر پ پ پ جي واضع اڪثريت اچڻ بعد اڪيلي سِر سنڌ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي، پ پ پ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي عهدي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري پاران سيد مراد علي شاهه جي واضع طور اعولان جي باوجود به پ پ پ جي اندر هڪ گروپ مراد علي شاهه کي وڏ وزارت لاءِ نامزدگي تي پريشان هجڻ سان گڏ ناراض به آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي پيپلز پارٽي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ”مراد علي شاهه خلاف هڪ انتهائي طاقتور گروپ سرگرم آهي. هن ڀبيري مراد علي شاهه جو مخالف گروپ 15 کان 20 ميمبرن تي مشتمل آهي، پر ان گروپ جي اڳواڻي ڪندڙ 4 ميمبر انتهائي طاقتور آهن، جيڪڏهن اهي باقائدگي سان ميدان (اندروني سطح تي) ۾ لٿا ته، مراد علي شاهه کي پوئتي ڇڏي ويندا ۽ پنهنجي مقصد ۾ هاڻي کان ئي ڪامياب ٿي سگهن ٿا. پ پ پ جي ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته، پيپلز پارٽي پاران سنڌ جي وڏ وزارت مراد علي شاهه جي حوالي ڪرڻ لاءِ عارضي طور تي ته قبول ڪري رهيا آهن؛ پر انهن پنهنجي خواهش تان هٿ ناهي کنيو“.

سنڌسماءَچار پاران پ پ جي 7 اهم اڳواڻن کان مليل ڄاڻ مطابق، ”مراد علي شاهه جي مخالف گروپ جي دٻاءَ کانپوءِ ئي ئي بلاول ڀٽو زرداري اهو بيان جاري ڪيو هو ته، هن ڀيري وزيرن جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪئي ويندي ۽ جيڪو ڪابينا جو ميمبر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ته ان کي وزارت کان ڌار ڪيو ويندو ۽ ذميواريون ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري وزير ڪيو ويندو“. اهڙي موقف تي سنڌسماءَچاچار پاران ان سوال ته؛ ڇا ڪنهن وزير جي ڪارڪردگي جو احتساب ڪرڻ غلط ڳالهه آهي جو ان کي وڏي وزير کي هٽائڻ سان ڳنڍڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟؟. ان سوال جي جواب ۾ پ پ جي ٻن اڳواڻن جو جواب هو ته،

” وزير يا صلاحڪارن جي اها ڪارڪردگي سڌي سئين وڏي وزير سان منصوب ڪئي ويندي ته، وڏو وزير معاملن کي سڌو ڪرڻ يا وزيرن کي اهميت نه پيو ڏئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته وزير (جن جي خلاف خراب ڪارڪردگي جي چارج شيٽ هوندي ۽ اُهي وزير ان ئي گروپ جا هوندا جيڪو 15 کان 20 ميمبرز جو آهي ۽ پنهنجي مرضي جو وڏو وزير آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن“. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي ته،  ”هاڻي سوشل ميڊيا جو دور آهي ۽ اسان جي/ پ پ پ جي هڪ لابي جيڪا سوشل ميڊيا تي اڳ ۾ ئي موجود آهي اها وزيرن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي جنهن جي سپورٽ ۾ وري پ پ پ مخالفن جي تنقيد کي به شامل ڪري اهو جواز ڄاڻايو ويندو ته، معاملو وزيرن جو نه پر ”ڪپتان“ جو آهي. ان سان گڏوگڏ، 2008 کانپوءِ قائم ٿيل پ پ پ جي حڪومت دوران ترقياتي منصوبن جا ڪجهه معاملا به منظر تي آندا ويندا، جيڪو به ڪارڻ بڻبو مرضي جو وڏو وزير آڻڻ جو“.

ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان اهو به معلو ٿيو آهي ته، سنڌ جي مختلف ترقياتي منصوبن ۾ ٿيل ڪرپشن، ڪيترائي ننڍا ترقياتي منصوبا صرف فائلن جي صورت ۾ هجڻ  ۽ انهن جا فنڊز ريليرز ڪرڻ  جو به هڪ اهم معاملو آهي جنهن ۾ 2008 کان وٺي هيل تائين جي ڪرپشن جا الزام آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2008 کان 2019 تائين سنڌ حڪومت جي سمورن ترقياتي فندذ جي خرچ جو حساب ڪتاب ٿيڻ وارو آهي، ان لاءِ ضروري ناهي ته اهو معاملو ڌار ڪيس جي صورت ۾ سامهون اچي، يا وري ان ڪيس جون ڪڙيون ڪنهن ٻئي ميگا اسڪينڊل سان جوڙيون وڃن، پر اهو ڪيس سامهون اچڻو آهي.

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق انهي ئي معاملي جا پيرا سنڌ جي اڳڪوڻي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي صوابئي وزير شرجيل ميمڻ، اڳوڻي صوبائي وزير اويس مظفر عرف ٽپي، ڄام خان شورو، اڳوڻي سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ڏانهن وڃن ٿا، پر ان جي مهنداري تڏهوڪي ناڻي کاتي جي وزير مراد علي شاهه جي آهي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته آهستي آهستي اهو معاملو آڪٽوبر جي آخري هفتي يا وري پوءِ نومبر جي ب؟ي هفتي کانپوءِ شروع ٿيندو، جيڪو مراد علي شاهه لاءِ وڌيڪ پريشانيون کڻي ايندو، پر حفاظتي ضمانت سندس لاءِ تحفظ جي ضمانت هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *