Thursday , March 28 2024

سنڌ جي هڪ ايڪڙ زمين جي رقم عيوض 250 ايڪڙ زمين ڪنهن ۽ ڪيئن تين وال ڪئي؟؟

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ قيمتي صنعتي زمين 50 هزار رپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڀڳڙن مٺ تي وفاقي حڪومت جي حوالي ڪري ساڳئي زمين ساڍا 8 ڪروڙ رپيا في ايڪڙ جي حساب سان وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، زمين سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، تڏهوڪي وفاقي وزير جهانگير ترين جي چوڻ تي اين آءِ پي کي وڪرو ڪئي وئي، ارباب رحيم وڏ وزارت دوران زمين سنڌ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ وڪرو ڪئي. سنڌ جي اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز کاتي پاران غيرقانوني طريقي سان وڪرو ڪيل سنڌ جي قيمتي زمين واري ڪيس ۾ جامع رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز کاتي جي رپور موجب، ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ 250 ايڪڙ زمين 2006 دوران صرف 50 هزار رپيا في ايڪڙ جي حساب سان وڪرو ڪئي وئي. اها زمين ان وقت جي وفاقي وزير ۽ پرويز مشرف جيڪو صدر هو جي ويجهي ساٿي ۽ هاڻوڪي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي جهانگير ترين جي خصوصي هدايتن سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم الاٽ ڪئي.

ارباب رحيم سنڌ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ قيمتي زمين 50 هزار رپيا في ايڪڙ جي حساب سان وفاقي حڪومت جي اداري نيشنل انڊسٽريل پارڪ کي وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌ جي قيمتي 250 ايڪڙ زمين صرف هڪ ڪروڙ 25 لک رپين ۾ اين آءِ پي جي حوالي ڪئي وئي. اين آءِ اها ساڳئي زمين ساڍا 8 ڪروڙ رپيا في ايڪڙ جي حساب 250 ايڪڙ زمين 21 ڪروڙ 25 لک رپين ۾ سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن کي وڪرو ڪئي. ارباب رحيم پاران سنڌ جي انتهائي قيمتي اڍائي سئو ايڪڙ زمين؛ هڪ ايڪڙ جي رقم جي برابر وفاقي سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏي. زمين اين آءِ پي جي حوالي ڪرڻ  لاءِ تڏهوڪي وڏي وزير ارباب رحيم سنڌ ڪابينا کان به منظوري نه ورتي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *