Friday , March 29 2024

سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل خطري ۾ _ مسلم ميراڻي

مسلم ميراڻي Muslim

ملڪ ۾ هر سال هزارين نوجوان مرد عورتون ڊگريون حاصل ڪري، بيرزگار ٿي رهيا آهن. نجي شعبي کان وٺي سرڪاري شعبي ۾ نوڪريون اڻلڀ آهن. ڪلارڪ، ماستر، سپاهي ۽ پٽيوالي جي نوڪريءَ لاءِ ماڻهوڻ پئسا کڻي گهمي رهيا آهن. پر اها نوڪري به پئسن تي ڪنهن ڀاڳ واري کي ئي ملي رهي آهي. وزير اعظم جي نوجوانن جي لاءِ قرض اسڪيم به غريب نوجوانن جي ڪم نه اچي سگهي. ڇو جو غريب نوجوان وٽ نه ڪوسرمايو آهي نه ئي وري ڪنهن جي گارنٽي. ان  قرض جو فائدو رڳو مليو آهي مال، ملڪيت وارن واپارين ۽ سيٺ ماڻهن جي ٻارن کي باقي غريب نوجوان کي رڳو مفت جو فارم ۽ ٽي وي تي هلندڙ اشتيار ئي نصيب ٿيا آهن.

young 1young 3

اها هڪ وڏي ڳڻتي جي ڳالهه آهي ته اسان جا نوجوان پهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال ۽ پئسا جيڪي پهنجي تعليم تي لڳائي ڊگريوڻ حاصل ڪيون آهن. هاڻي ان لاءِ نه نوڪري آهي نه ڪو روزگار. اسان جا نوجوان جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران پهنجي گھر وارن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏسي رهيا هيا، هاڻي اهي ابتو گهر وارن تي بار بڻيل آهن ۽ ويچارا گهر وارا انهن جي نوڪرين ۽ شادين جي لاءِ وتن ٿا باسيون باسيندا. لاچار نوجوان ۽ انهن جا گهر وارا وڃن ته  ڪاڏي وڃن ؟ دانهن ڏين ته ڪنهن کي ڏين؟ هتي ته چرٻٽ راجا جي حڪمراني آهي ٽڪي سير ٻاڄي ۽ ٽڪي سير کاڄا آهن. ملڪ ۾ هر سياسي پارٽيءَ جو نارو ته نوجوانن ۽ غريبن، مسڪينن جي لاءِ آهي پر نوجوانن ۽ غريب، مسڪينن کي ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن وٽ به ڪجھ نه آهي. نه نوڪري ، نه پارٽي جي ٽڪيٽ نه وري ڪا پاليسي ؟ نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪري حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ سالن جا سال گذري رهيا آهن ۽ ان ڳڻتي ۾ انهن جا وار ئي اڇا ٿي ويا آهن، گڏوگڏ نوڪرين جي اشتهارن تي درخواست ڏيندي ڏيندي پئسا به ختم ٿي ويا آهن. جيڪڏهن نوڪرين کي ڏٺو وڃي ته  نوڪرين جو اهو حال آهي جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين ڀرتيون ڪندڙ ادارن  جو آهي. بس جنهن کي جتي وارو ملي ٿو اهو نوڪري وڪڻي ٿو ڪٿي مٽن مائٽن کي ته وري ڪٿي پئسن تي. سنڌ  ته مڙئي ئي بدنام آهي پر ڪم سڀني جو لٿل آهي. ڏاڍو غابو آهي. لاڳاتار نوجوانن جو استحصال ٿي رهيو آهي ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن وٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به نه آهي سوائي سوشل ميڊيا ۽ فيس بوڪ تي پهنجو زهر ۽ ڪروڌ ظاهر ڪرڻ جي. اڃي لڳي رهيو آهي ته اسان پهنجي هٿن سان پهنجي نوجوانن کي وڃائي رهيا آهيون.  پاڪستان دنيا جي اهو واحد ملڪ آهي جتي نوجوانن جي اڪثريت ته ضرور آهي پر وڏو الميلو اهو آهي ته هتي 60 سالن وارا ليڊر به نوجوان آهي ۽ نوجوانن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي،

young 2

نوجوانن کي ڪوڙا خواب ڏيکاري خوش ڪري رهيو آهي، ته هي ملڪ ته رڳونوجوانن جو آهي. پر هيءَ ملڪ ڀلا ڪيئن نوجوانن جو آهي؟ جتي نوجوانن جي لاءِ نه  روزگار آهي نه ڪنهن وٽ ڪا پاليسي نه ڪو پلان؟ بس رڳو وقت گذري رهيو آهي ۽ سڀني جا نارا جاري آهن. هتي اهو سوال اٿي ٿو ته  هن ملڪ جي هلندڙ حڪومتون ۽ سياسي پارٽيون ڪڏهن نوجوانن جي روزگار لاءِ هگامي بنيادن تي غور ۽ فڪر ڪنديون؟ ۽ انهن نوجوانن جو مستقبل ڪير بچائيندو؟ ۽ ڪيراهڙيون پائيدار پاليسيون ٺاهيندو جنهن سان ملڪ جي نوجوانن کي شفاف طريقي سان روزگار ملي سگهندو. اسان ڪڏهن پهنجي نوجوانن جي قدر شناشي ڪنداسين، جيڪي اسانجي  مسقبل جا ممار آهن ۽ ابي امڙ جا آڌار آهن ۽ ملڪي ترقي  جا ضامن آهن. اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن اسان ملڪ جو نوجوانن جي مستقبل کي شاندار ۽ معاشي طور تي مظبوط ڪنداسين ته جيئن اهي هن نفسا نفسي جي دور مان نڪري ڪري. سک جو ساهه کڻي سگھندا.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *