Friday , April 19 2024

سنڌ جي ماڻهن جڏهن گڏيل فهم جي بنياد تي ووٽ ڪيو ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿي ويندو: علي قاضي

حيدر آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته 6 مهينن کانپوءِ پولنگ اسٽيشنز تي عوامي عدالتون لڳڻيون آهن، سنڌ جي ماڻهن کي ڌرتيءَ جي خوشحالي لاءِ ووٽ ڏئي پنهنجو پاڻ ۽ ايندڙ نسلن سان انصاف ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي ماڻهن جڏهن گڏيل فهم جي بنياد تي ووٽ ڪيو ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿي ويندو. اهڙو اظهار هن ٽنڊو ڄام ۾ هڪ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀوتارڪو نظام سنڌ کي اُڏوهي جيان کائي رهيو آهي، روڊ رستا تباهه ٿيل آهن، اسڪولن ۾   تعليم ناهي، ماڻهن کي صحت جون سهولتون ميسر نه آهن، آبادگارن کي ڪمند ۽ سارين جي اگهن لاءِ ڌرڻا هڻڻا ٿا پون، ٻيو ته ٺهيو پر ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به نٿو ملي. علي قاضي چيو ته ماڻهن مسئلن جي حل ۽ ڌرتي جي خوشحالي جي آسري تي جن ڀوتارن کي ووٽ ڏنا هئا، انهن ساڳين ووٽن جي بنياد تي ڀوتارن رڳو پنهنجا محل کڙا ڪيا آهن ۽ دبئي ۽ لنڊن ۾ فليٽس ۽ ٻيون ملڪيتون ٺاهيون آهن. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته ڀوتارن جا محل سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ آهن ۽ کين پتو آهي ته اهي ملڪيتون ڪرپشن ذريعي ٺاهيون ويون آهن. ڀوتارن جا اهي محل ۽ ملڪيتون ڀلي نيب ۽ ٻين ادارن کي نظر نه اچن پر سنڌ جو عوام ان ڪرپشن بابت خوب ڄاڻي ٿو.

هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن هڪ ڀيرو ڀوتارڪو نظام نامنظور جو نعرو هڻڻو پوندو، جنهن کانپوءِ عوام پاڻ تبديلي محسوس ڪندو. علي قاضي چيو ته هڪڙن ڀوتارن سنڌ کي پنهنجي هٿن سان لٽيو آهي ۽ ٻيا ڀوتار پنهنجي واري جي انتظار ۾ آهن ۽ اتحاد قائم ڪري رهيا آَهن. تبديلي پسندن جي سرواڻ جو چوڻ هو ته عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ مخالف ڀوتار پاڻ کي هڪ ٻئي جو سئوٽ ڪوٺين ٿا، انهن 420 ڀوتارن خلاف سنڌ جي ماڻهن کي هڪٻئي جو ڀاءُ بڻجي ڌرتي جي خوشحالي لاءِ ووٽ ڪرڻو پوندو. علي قاضي چيو ته زمينن جي اُپــَت مان کربين رپين جي ملڪيت نٿي ٺهي سگهي، ڀوتارن وٽ جيڪا ملڪيت آهي اها سنڌ جي عوام جي ووٽن جي بنياد تي ٺاهي وئي آهي. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته سنڌ جا ماڻهو پاڻ کي اڪيلو ۽ ڪمزور نه سمجهن، سندن هٿن ۾ ووٽ جي طاقت آهي، جنهن جي بنياد تي سرڪار ٺهي ٿي. علي قاضي سوال ڪيو ته آءُ سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي مبارڪباد ڏيان، ڇا کين ان ڳالهه جي واڌائي ڏيان ته سندن ووٽ جي بنياد تي جن محلن جي تعمير جو بنياد رکيو ويو هو، اهي مڪمل ٿيا آهن؟ يا آبادگارن کي ڪمند ۽ سارين جو اگهه نه ملڻ جي مبارڪباد ڏيان؟. علي قاضي چيو ته سنڌ ۾ 70 لک ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن، اڍائي ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته اسپتالن جي حالت انتهائي خراب آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڪيترائي ڀيرا شهيدن ۽ برادرين جي نالي تي ووٽ ڏنا آهن، هاڻي هو پنهنجو پاڻ کي ووٽ ڪن.

علي قاضي چيو ته اليڪشني تڪ ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت نه پر اتي رهندڙ ماڻهن جا تڪ آهن ۽ اهي ئي پنهنجي قسمت جو پاڻ فيصلو ڪري سگهن ٿا. تبديلي پسندن جي سرواڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي رهيا آهن، ۽ گڏيل فهم جي بنياد تي جڏهن سنڌ جي ماڻهن ووٽ ڪيو ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿي ويندو. جلسي کي تبديلي پسند اڳواڻن مسعود وساڻ، محبوب مري، مولا بخش انڙ ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ان کان اڳ تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي جو ٽنڊوڄام پريس ڪلب وٽ عوام پاران شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس ريلي جي صورت ۾ جلسي گاهه آندو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *