Saturday , April 20 2024

سنڌ جي عوامي حڪومت جو ڪارنامو؛650 آبادگارن تي ڪيس داخل

سنڌ جي عوامي حڪومت جو ڪارنامو؛650 آبادگارن تي ڪيس داخل

سيد زين شاهه جي گرفتاري جا سانباها

نوابشاهه(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي عوامي حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ شگرملز چالو نه ٿيڻ خلاف قاضي احمد ۾ احتجاج ڪندڙ ابادگارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سيد زين شاهه کي گرفتار ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. گذريل جمعي ڏينهن 14 هين ڊسمبر تي قاضي احمد ۾ قومي شاهراهه تي ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ شگرملز چالو نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو هو. قاضي احمد پوليس سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾، سيد زين شاهه سميت 50 سڃاتل ۽ 600 اڻسڃاتل آبادگارن ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن کي نامزد ڪيو آهي. احٽجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه ۽ ٻيا آبادگار اڳواڻ ڪري رهيا هئا. احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ن جو مطالبو هو ته، سنڌ حڪومت جيڪو ڪمند جو في مڻ سرڪاري اگهه 182 رپيا مقرر ڪيو آهي ملز مالڪن کان اُهو اگهه ڏياريو وڃي ۽ شگر ملز چالو ڪرايون وڃن. آبادگار قاضي احمد ۾ قومي شاهراهه تي 5 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ڌرڻو هڻي ويٺل هئا، جنهن کانپوءِ پرامن نموني ڌرڻو ختم ڪيو ويو هو. آبادگارن ۽ ايس يو پي پاران 26 ڊسمبر تي ٻانڌي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جو به اعلان ڪيو هو هو. ان سلسلي ۾ نوابشاهه پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه کي گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن سان گڏ ڪجهه سرگرم ڪارڪنن ۽ آبادگار اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويندو، جيئن ٻانڌي ۾ ڌرڻي کي ناڪام بڻائي سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *