Wednesday , April 24 2024

ارشاد قتل سانحو: سنڌ جي عام ماڻهن جي جدوجهد ڪامياب،بااثر رحيم شاهه ۽ ڊي ايس پي سميت 6 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل

ملير(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڀينس ڪالوني ۾ بي رحمي سان قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪيس، يوسي چيئرمين ۽ ن ليگ اڳواڻ رحيم شاهه، سندس پٽ حسن شاهه، ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي، سب انسپيڪٽر رياض عامر ۽ رحيم شاهه جي ٻن اڻڄاتل گارڊن خلاف قتل ڪيس داخل دهشتگردي جي خاتمي جو ايڪٽ به شامل، حراست ۾ ورتل يو سي چيئرمين رحيم شاهه کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ملير  جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ مين نيشنل هاءِ وي تي يو سي چيئرمين ۽ نون ليگ جي اڳواڻ بااثر شخص رحيم شاهه پاران سري عام قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي بر رحماڻي قتل خلاف سنڌ جي عام ماڻهن ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽويسٽس پاران هلايل جدوجهد نيٺ ڪاميابي ماڻي آهي. ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي. قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ خالد رانجهاڻي وڪيلن محمد خان شيخ، زاهد رائو ۽ ٻين قانوني ماهرن جي ٽيم جي صلاح مشُري ۽ مڪمل سهڪار سان شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي ايف آءِ آر سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات جو دير سان 6 جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي.

ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪارساز وٽ ڌرتي ڌڻين جو ڌرڻو

خالد رانجهاڻي جي فرياد تي ايف آءِ آر نمبر 105 / 19 داخل ڪرائي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ قتل جو قلم 302 .201. 34 پاڪستان پئنل ڪوڊ (پي پي سي) ۽ اينٽي ٽيررسٽ ايڪٽ سيون اَي ٽِي اَي (7-ATA) جا قلم به شامل ڪيا ويا آھن. ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري ايف آءِ آر ۾ ڀينس ڪالوني يو سي جي چيئرمين رحيم شاهه سندس پٽ حسن شاهه، ڊي ايس پي ملير سٽي شوڪت شاهاڻي، سب انسپيڪٽر رياض عامر نامزد جوابدار طور شامل آهن. ايف آءِ آر ۾  رحيم شاهه جا ٻه اڻڄاتل گارڊ /محافظ به جوابدار طور شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر داخل ٿيڻ وقت جسقم جو چيئرمين صنعان خان قريشي، آصف بالادي، وقار لغاري، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ليکڪ ذوالفقار قادري، صحافي مهيش ڪمار، جيئي سنڌ تحريڪ جو ترجمان سيد مسعود شاهه، ملير بار جي صدر رائو زاهد کان سواء وڏي تعداد ۾ ڪارڪن موجود هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *