Friday , March 29 2024

سنڌ جي شهيد نياڻي تانيا خاصخيلي جو مک جوابدار نيٺ گرفتار، جوابدار پوليس آپريشن دوران گرفتار ڪيو:ڊي آءِ جي حيدرآباد جي دعويٰ

Khadim Rind 01

حيدرآباد: پوليس نيٺ شهيد نياڻي تانيا خاصخيلي جي مک قاتل خان عرف خانو نوحاڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي آهي، ڊي آءِ جي حيدر آباد خادم رند دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار کي پوليس آپريشن دوران گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ هلي پئي ۽ قاتل خلاف ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت هلايو ويندو.

ڊي آءِ جي حيدر آباد خادم رند پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. خادم رند چيو ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس 50 کان وڌيڪ هنڌن تي ڇاپا هنيا نيٺ کيس ڄامشوري ضلعي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار ابتدائي جاچ ۾ قتل جو به اعتراف ڪيو آهي.

Tania khaskheli 03Tania khaskheli 02

ڊي آءِ جي حيدر آباد چيو ته جوابدار خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس هلايو ويندو، ان لاءِ سموريون قانوني گهرجون به پوريون ڪيون وينديون. جوابدار هڪ قتل ڪيو جنهن بعد ظاهر آهي ته هُو ڪٿي ته لڪيو هوندو، ڪنهن ته سندس سهولتڪاريءَ ۾ مدد ڪئي هوندي، ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي جلد سموريون حقيقتون عوام جي سامهون آڻينداسين.

خانو نوحاڻي جي گرفتاري جي ڪهاڻي…!!

Tania khaskheli 01

ٻي طرف سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جوابدار خانو نوحاڻي سنڌ جي نياڻي تانيا خاصخيليءَ کي قتل ڪرڻ بعد پهريان ڄامشوري جي هڪ بااثر وٽ پهچي کيس معاملي مان جان آجي ڪرائڻ جو چيو، جوابدار جيئن ته ان بااثر شخص جي جو پري جو مائٽ به، انڪري هن کيس بلوچستان ڀڄائي ڇڏيو. ذريعن موجب جوابدار بلوچستان فرار ٿي اُتي جي هڪ انتهائي بااثر ۽ طاقتور حڪومتي شخصيت وٽ پناهه ورتي، جنهن کيس بچائڻ لاءِ سنڌ جي هڪ اهم شخصيت سان راابو ڪيو. سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب سنڌ پوليس پاران مختلف ذريعن سان جوابدار حوالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. ان دوران بلوچستان جي ان شخصيت جوابدار کي 10 ڏينهن   تائين پناهه ڏني. بلوچستان جي ان بااثر ۽ انتهائي طاقتور حڪومتي شخص سنڌ جي ڪجهه سرڪاري ۽ شخصيتن ۽ ڪجهه بيوروڪريٽس جي ضمانت تي جوابدار خانو نوحاڻي کي سنڌ پوليس جي حوالي ڪيو.

سنڌ جي نياڻي شهيد تانيا خاصخيليءَ کي بااثر ۽ ڏوهاري شخص خانو نوحاڻي شادي کان انڪار ڪرڻ تي ڏيڍ هفتو اڳ جهانگارا ۾ گهر ۾ گهڙي سندس ابي امڙ آڏو گولين جو مينهن وسائي انتهائي بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *