Friday , April 19 2024

سنڌ جي سال 18_2017 جي 10 کرب 43 ارب 18 ڪروڙ رپين جي بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور

Imtiaz sheikh with CM

سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال2017-18 جي بجيٽ لاءِ مخالف ڌر پاران پيش رکيل فنڊز ۾ ڪٽوتي لاءِ 732 ڪٽوتي واريون رٿون رد ڪندي، مالي سال2017-18 جي 10 کرب 43 ارب 18 ڪروڙ جي بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور منظور ڪندي سنڌ مالياتي بل 2017ع منظور ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي سنڌ مالياتي بل 2017ع پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.  ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽيليڪام واري ٽيڪس کانسواءِ سمورا ٽيڪس گهٽايا ويا آهن اسان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، عوام جي ڀلي لاءِ آهي، سنڌ جي اڪثريتي پارٽي اڄ به پيپلز پارٽي آهي، مخالف ڌر جو اڳواڻ پنهنجو اعتماد وڃائي چڪو آهي، اهوئي سبب آهي جو اڄ مخالف ڌر جا آڱرين تي ڳڻڻ جا جيترا ميمبر ايوان ۾ موجود آهن.

مخالف ڌر جي ليڊر طرفان صحيح گائيڊ نه ڪرڻ تي ڪٽوتي واريون رٿون نامڪمل آنديون ويون ۽ اهي رد ٿي ويون پر اسين اميد ٿا ڪريون ته ايندڙ ڀيري به خواجا اظهارالحسن کي مخالف ڌر جي اڳواڻ ٿيڻ جو موقعو ملندو ۽ تيستائين اسيمبلي ڪاروهنوار بابت مخالف ڌر وارا سکي به وٺندا، هن اسيمبلي ۾ موجود حڪومتي ڌر سميت سمورين سياسي پارٽين جا نالا کڻي سندن ٿورو مڃيو. هن چيو ته واحد سنڌ اسيمبلي آهي، جتي بجيٽ تي هڪ سو ميمبرن ڳالهايو، قومي اسيمبلي کان وٺي ٽنهي صوبن جي اسيمبلين ۾ هڪ سئو ميمبرن بجيٽ تي ناهي ڳالهايو.

syed sardar ahmad1Sorath thebo Shafi Jamot

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي سردار احمد شاهه چيو ته عوام مٿان ٽيِڪس جو وزن هنيو ويو آهي، ان سان گڏ زراعت تي ٽيڪس وڌايو وڃي ۽ ڪڻڪ تي سبسڊي ڏني وڃي ته جيئن عوام کي سهولت ملي سگهي،بل تي ڳالهائيندي دلاور قريشي چيو ته 6 سيڪڙو ٽيڪس وصولي سڌي ريت ڪئي ٿي وڃي، فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته بجيٽ کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ها ته عوام جي بهتري ٿئي ٿا، ٽيڪس اوڳاڙي کي درست طريقي سان کنيو وڃي ته بهتر ٿيندو،گذريل بجيٽ کي استعمال ڪرڻ ۾ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي وئي ۽ اميد ڪيون ٿا هن بجيٽ کي عوام جي ڀلي لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

اجلاس دوران نواز ليگ جي سورٺ ٿيٻو چيو ته بجيٽ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرس کي پڪو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اڳي به اهڙو اعلان ڪيو ويو هو پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويو، جنهن تي وڏي وزير اعتراض ڪيو ته بل تي ڳالهايو وڃي. جنهن بعد اسپيڪر چيو ته ايوان کي جلسي گاهه سمجهي سياسي تقرير نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڪراچي مان چونڊيل نواز ليگ جي ايم پي اي شفيع محمد ڄاموٽ چيو ته بجيٽ عوام تي خرچ ڪرڻ گهرجي، سمنڊ زمين کائي رهيو آهي ان ڏانهن به ڌيان ڏنو وڃي،منڇر ڍنڍ جو پاڻي زهريلو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته، مهاڻن تي سرڪار ڌيان ڏئي ته انهن جو ڀلو ٿيندو، پي ٽي آءِ جي خرم شيرزمان چيو ته بل ۾ 12 ارب جا ڊائريڪٽ ٽيڪس رکيا آهن هن حڪومت جي اهڙين پاليسين سبب امير امير ٿي ويو ۽ غريب غريب ٿي ويو آهي، افسوس ته هن سال به تعليم جي حالت بهتر نٿا ڏسون. مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته بل کي اسان پهرين ڏينهن پڙهي ڇڏيو هو، صوبائي ٽيڪس جو حدف وڌايو ويو آهي، جيڪو عوام تي جبر ٿيندو، انهي ڪري هن بل ۽ بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، هن چيو ته پ پ سنڌ جي واحد وڏي جماعت آهي جنهن کي 2013ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جي پنج ڪروڙ ماڻهن مان صرف 34 لک ووٽ مليا آهي توهان پنهنجي اڪثريت وڃائي رهيا آهيون محترمه جي شهادت کانپوءِ اليڪشن ۾ سنڌ جي هڪ ملين ماڻهن ووٽ ڪاسٽ ڪو نه ڪيو هو. اسين چاهيون ٿا ته اوهين اهو ئي عمل جاري رکو، جيئن ماڻهو اوهان مان بيزار ٿين.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *