Thursday , March 28 2024

سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي تڪڙي خرچ وارو بل 2017ع – موڳو مٽر

وڏي وزير جي خاص هدايتن تي صوبائي خود مختياري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ قانون واري کاتي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي نگراني ۾ هڪ بل جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. جنهن جو ڊرافٽ موڳو مٽر هٿ ڪري آيو آهي، اجهو اوهان جي لاءِ پيش ڪري ٿو. ان ۾ ڪنهن به قانوني، آئيني يا رئيساڻي اعتراض جي گنجائش نه آهي. غلطين جو ذمينوار به موڳو مٽر نه هوندو.

بل جو ٽائيٽل: سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي تڪڙي خرچ وارو بل 2017ع

بل جو مقصد: ترقياتي فنڊز تڪڙا خرچ ڪري لاڙڪاڻي جي  90 ارب رپين وانگر خرچ ڪرڻ

هي بل رئيس وڏي خانصاحب سردار آصف علي خان زرداري ۽ ادي جي خاص هدايتن تي خصوصي خدمتون ڏيندڙ قانون واري کاتي جي مدد سان تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو جلد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.

بل : سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي تڪڙي خرچ وارو بل 2017ع

  • سنڌ جي سالياني ترقياتي فنڊز مان سڌي ڪٽوتي

سنڌ جي مجموعي سالياني ترقياتي فنڊز مان

الف – 20 سيڪڙو رقم رئيس وڏي، ب – 20 سيڪڙو ادي، ٻ – 10 سيڪڙو بلاول هائوس ڪراچي، بلاول هائوس بحريا ٽائون ڪراچي، بلاول هائوس اسلام آباد جي خرچ پکي واري فنڊ لاءِ ڀ- 5 سيڪڙو درگاھ بالو جا قبا جو ڏن

۽ ت ، 5 سيڪڙو غريبن جي پارٽي پ پ پ لاءِ فلاحي فنڊ

سڀ ملائي ڪل ترقياتي فنڊز جو 60 سيڪڙو

ترقياتي بجيٽ جي فنڊز مان 60 سيڪڙو سڌي ڪٽوتي (بنا ڪنهن به آڊٽ جي) ڪئي ويندي، جيڪا سموري رقم مٿي الف کان ت تائين ڄاڻيلن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويندا.

سنڌ جو ناڻو کاتو ان ڳالھ جو پابند هوندو ته سڌين ڪٽوتين ذريعي سموري رقم مٿين اڪائونٽس/ کاتن ۾ مالي سال جي پهرئين ٽي ماهي جي پهرين مهيني، پهرئين مهيني جي پهرئين هفتي دوران هر حال ۾ منتقل ڪرڻ جي پابند هوندي. ٻي صورت ۾ ناڻي کاتي کي نجي ڪمپني ، رئيس وڏو اينڊ ادي ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ جي حوالي ڪيو ويندو.

بل : سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي تڪڙي خرچ وارو بل 2017ع –

شق نمبر 2، سب آرٽيڪل الف

هن قانون/ بل مطابق وفاقي حڪومت پاران ملندڙ فنڊز، اين ايف سي مان ملندڙ فنڊ ۽ پرڏيهي مالياتي ادارن پاران ملندڙ مختلف منصوبن لاءِ فنڊز مان حصو به اهڙي طرح ادا ڪيو ويندو جي شق نمبر هڪ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان ۾ الف کان ت تائين وارن اڪائونٽس / کاتن ۾ سڌي منتقلي ترتيب وار اڍائي سيڪڙو رعايت هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *