Friday , March 29 2024

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ امتحانن ۽ وئڪيشنز جو شيڊيول تبديل

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم کاتي سرڪاري اسڪولن ۾ امتحانن ۽ موڪلن جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي امتحان 20 مارچ کان 30 اپريل تائين ۽ گرمين جون موڪلون پهرين مئي کان 30 جون تائين ڪيون وينديون. اهڙو فيصلو تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ اسٽيئرينگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس ۾ صوبي اندر تعليم بابت نئين پاليسي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اڳواڻن جو چوڻ هو ته سرڪاري اسڪولن ۾ امتحانن بعد اسڪول ٻيهر نه کلندا آهن ۽ پوءِ گرمي جون موڪلون اچي وينديون آهن، جنهن ڪري چئن مهينن تائين سرڪاري تعليمي ادارا بند هوندا آهن. اجلاس ۾ مختلف تجويزن بعد فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري اسڪولن ۾ امتحان 20 مارچ کان 30 اپريل تائين ورتا ويندا ۽ گرمي جون موڪلون پهرين مئي کان 30 جون تائين ڪيون وينديون جنهن بعد سنڌ ۾ تعليمي سال هاڻي آگسٽ کان شروع ٿيندو. تعليم کاتي پاران يوم پاڪستان ۽ يوم ڪشمير جي موڪلن وارن ڏينهنَ تي مختلف تقريبون گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *