Tuesday , April 16 2024

سنڌ جي آبادي 5 سيڪڙو گهٽ ۽ ٻين وڌيڪ ڏيکاري وئي آهي: سنڌ اسيمبلي جون پارلياماني پارٽيون

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ اسيمبليءَ جي پارلياماني پارٽين، پيپلز پارٽي، فنڪشنل ليگ، ايم ڪيو ايم پاڪستان، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ورتو آهي ته 2017 ۾ ٿيل آدمشماري جي انگن اکرن ۾ سنڌ جي آبادي 5 سيڪڙو گهٽ ظاهر ڪري ٻين صوبن جي وڌيڪ آبادي ڏيکاري وئي آهي. سمورين پارلياماني پارٽين ان ڳالهه تي به اتفاق ظاهر ڪيو آهي ته، صوبي جي آبادي گهٽ ظاهر ڪرڻ سنڌ جي وحدت تي وار برابر سمجهون ٿا ۽ اسان جا خدشا ختم ڪيا  وڃن. سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  1998 واري آدمشماري ڏانهن واپس وڃڻ نه ٿا چاهيون ان سان سنڌ جو اڃا وڌيڪ نقصان ٿيندو، جن به ايم پي ايز کي آدمشسماري جي انگن اکرن تي اعتراض آهن اُهي ڌار ڌار عدالت وڃي سگهن ٿا.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شساهه چيو ته، ٽي وي خبرن مان پتو پيو آهي ته سينسز جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ مامرو اچي رهيو آهي پر ان بابت پڪ ڪري پوءِ ئي پنهنجو موقف ڏيندس. آدمشماري بابت انگ اکرن تي اهو نٿو چئي سگهان ته ان صوبي جا انگ اکر ٻئي صوبي ۾ شامل ڪيا ويا آهن، نمبر ڏسي اهو نٿو چئي سگهان ڇا صحيح ڇا غلط آهي. جيڪڏهن چوان ته انگ اکر ٻيهر چيڪ ڪيا وڃن ته پوءَ وري 20 سال پٺتي هليا وينداسين، هن چيو ته  سنڌ ۾ ٽوٽل 49 هزار 39  کان وڌيڪ بلاڪ بڻايا ويا هئا، جنهن کي به شڪ آهي اهو بلاڪ جي ڊيٽا وٺي ان کي چئلينج ڪري سگهي ٿو، 1998ع واري آدمشماري ڏانهن واپس وينداسين ته نقصان ٿيندو، جنهنڪري جنهن به  ايم پي اي کي  پنهنجي تڪ جي آدمشماري بابت اعتراض آهي ته اهو ثبوتن سان گڏ ان کي عدالتن ۾ چئلينج ڪري، صرف زباني الزام نه لڳايا وڃن وڏي وزير چيو ته، هُن اڳ چيو هو نادرا وارن کي چئو ته پاپوليشن بابت آدمشماري کاتي جو ساٿ ڏين. ائين  ٿيڻ سان ته هڪ ڀيرو خرچ ٿئي ها پوءِ رڳو هڪ بٽڻ دٻائڻ سان سالن جا نتيجا ملي وڃن ها، نادرا کي اهو به چيو هو جيڪو ٻار 18 سالن جو ٿئي ٿو ان کي آٽوميٽڪ حڪومت طرفان گهر ڏانهن ليٽر اماڻيو وڃي ۽ ان کان پڇيو وڃي ته اهو ووٽ ڪٿي درج ڪرائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته آدمشماري ۾ انگ اکر درست اچن ها، وڏي وزير چيو ته مون پنهنجي تڪ ۾ غلط انگ اکر بابت ڊيٽا گڏ ڪئي آهي، ان تي ڪم ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن ڪنهن کي شماريات کاتي بابت اعتراض آهي ته اهو ثبوتن سان گڏ اعتراض ڪري سگهي ٿو اهو ڪنهن ٻئي مٿان نه ڀاڙي.

صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته  آدمشماري جا نتيجا اچڻ بعد اهي عوام جي ملڪيت آهن پر ان جا تفصيل اسان کي نه ڏنا ويا، هن چيو ته آدمشماري نظام جي  سربراهه سان مليس ته هن سمورا ڪاغذ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ڊاڪيومينٽ ڏنم ته پوءِ ٻيهر آدمشماري ڪرائڻي پوندي، ان جو مطلب ته ڪجهه مسئلو آهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار وفاق سان رابطي ۾ آهي پر اڃا تائين خدشا ختم نه ڪيا ويا آهن. وفاق سنڌ پاران گهريل  فارم 2 نه ڏيندو ته معاملو اڳتي نه وڌندو. ايوان ۾ پاليسي بيان ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري اهميت وارو معاملو آهي جيڪڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ هجي ها ته بهتر هو، ان تي افسوس آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ سينسز ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي سينسز ٿيا ته بلاڪن جي معاملي تي اعتراض ڪيو ويو بعد ۾ پينسل سان لکڻ تي اعتراض ڪيو، مون وفاق کي خط لکيو ته اسان سينسز کي شفاف بڻايون، تجويز ڏني ته فارم ٽو هر گهر مالڪ کي ڏنو وڃي،  آءِ ايل فارم لاءِ به وفاق کي چيو ته اهو ويب سائيٽ تي ڏنو وڃي، هن چيو ته سينسز تي وفاق کي ڪاميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏني، وفاق ان تي جواب ڏنو ته سنڌ سرڪار سهڪار ڪيو پر اها ڳجهي معلومات آهي اها نه ڏني ويندي، ان معاملي تي جيتري ڪوشش ڪرڻي هئي ڪئي، هن چيو ته آدمشماري ورو عمل اڳ ۾ دير سان ٿيو جنهن تي صوبي جو به به خرچ ٿيو، هن چيو ته 25 آگسٽ تي  سي سي آءِ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ صوبن جي رزلٽ بابت بريفنگ ڏني.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران 2017 دوران ٿيل گهرن ۽ ڪٽنبن جي ڳڻپ بابت مهملي واري رٿ  تي ڳالهائيندي فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته هي معاملو پوري سنڌ جي عوام لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ آدمشماري تي سنڌ سرڪار کي به ان تي خدشا آهن. هن چيو ته حڪومت پاران مون کي ڏنل جواب مان مطمئن نه  آهيان. هن چيو ته آدمشماري جي نتيجن حيران ڪري ڇڏيو آهي، هتي ته 40 لک کان وڌيڪ ته پرڏيهي رهن ٿا، رڳو آبادي ۾ ٻه ڪروڙ جو اضافو ٿيو آهي. نصرت سحر عبسي جو چوڻ هو ته آدمشماري سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون ۽ سموريون سهولتون وفاق کان ملن ٿيون، جيڪي سخت متاثر ٿينديون. سنڌ سان گڏ ٻين صوبن ۾ به آبادي گهٽ ڏيکاري وئي خاص طور تي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ افغانستان مان به وڏي انگ ۾ ماڻهو آيا. سندس چوڻ هو ته، ماهرن موجب سنڌ جي آبادي هڪ ڪروڙ گهٽ ڏيکاري وئي آهي، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ وڌيڪ آبادي ڏيکاري وئي آهي. اسان اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪيون ۽ آبادي جي نتيجن کي رد ڪيون.

مهمليءَ واري رٿ تي ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سيد سردار احمد، صابر قائمخاني، ديوان چند چاولا، هير سوهو ۽  رئوف صديقي  چيو ته 19 سالن بعد آدمشماري ٿي آهي. موجوده آدمشماري جا نتيجا هڪ سوچيل سمجهيل منصوبابندي تحت جاري ڪيا ويا آهن. 20 کان 22 لک ماڻهو اهڙا آهن، جن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي ٻه ايڊريسون آهن. ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جو چوڻ هو ته، سنڌ صوبو بدحال آهي، ان جي آبادي درست نه ڏيکاري وئي آهي، آبادي تحت قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ سيٽون  وڌن ٿيون،  فارمولي تحت اهڙن ماڻهن تي خرچ اسان ڪنداسين ۽اهي ظاهر وري ٻين صوبن ۾ ڪيا ويندا سان قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ واڌ وارو ٻين صوبن کي ٿيندو ۽ وڌ کان وڌ نقصان سنڌ جو ٿيندو. هنن چيو ته نادرا جي رڪارڊ تي سيٽون وڌايون وڃن، ائين نه ٿيو ته اها زيادتي هوندي، هنن چيو ته 80 لک ماڻهو ته ڳڻيا ئي نه ويا آهن، انهن جو بار سنڌ سرڪار کڻي پئي پر اها ثابت نه ٿي ڪري سگهي.

معاملي تي ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي ثمر علي خان چيو ته آدمشماري ۾ صوبن کي حق ڏيڻا هوندا آهن. سنڌ سرڪار کي سيريئس ٿيڻو پوندو وفاق سان ان معاملي تي ڳالهائي، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته 19 سالن بعد آدمشماري ٿي، جنهن تي سنڌ سرڪار خدشا ظاهر ڪيا، شماريات کاتي کان لسٽون گهريون اهي به نه ٿيون ڏنيون وڃن، سنڌ ۾ سرڪار ۽ مخالف ڌر آدمشماري جي مسئلي تي هڪ پيج تي آهن. آدمشماري بابت ڪاميٽي بار بار وفاق کي لکيو آهي پر ڪو به جواب نه مليو آهي. هن چيو ته شماريات کاتو رپورٽ ڏئي ها ته هينئر ڳالهائي ها، پر اسان سان سٺو رويو نه رکيو ويو. اهم اشو آهي ان جي حمايت ڪيون ٿا. فنڪشسنل ليگ جي سعيد خان نظاماڻي چيو ته منهنجي تڪ جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي نه ڳڻيو ويو، اهو پوري سنڌ جو مسئلو آهي، شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي.

پ پ جي جاويد ناگوري  چيو ته ڪالاباغ ڊيم بعد سنڌ جي عوام لاءِ هي وڏو مسئلو آهي، مردمشماري ۾ بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي، اسان کي ٻين صوبن جي آبادي تي اعتراض نه آهي پر سنڌ جي آبادي کي به درست ظاهر ڪيو وڃي. هن چيو ته پ  پ جيئن ڪالاباغ ڊيم تي سمجهوتو نه ڪيو ته آدمشماري تي به پ پ سمجهوتو نه ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *