Friday , March 29 2024

سنڌ جو امن خيبر پختونخواه کان وڌيڪ عزيز آهي: شاهي سيد

حيدرآباد (رپورٽر  سنڌسماءَچار) اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو آهي ته سنڌ امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، حيدر آٻاد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سان ملاقات دوران ۽ بعد ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجو سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. اُن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ اندر اهڙا واقعا پيش آيا، جنهن سان سنڌ جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پشتون اسان جا ڀائر آهن، ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به پشتون اسان سان گڏ هئا. هن چيو ته صوبي ۾ سنڌي ۽ پشتونن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش خلاف خاموش نٿا رهي سگهون، ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه کي سزا ڏني وڃي ۽ نئين ديري ۾ پٺاڻن جي قاتلن کي به گرفتار ڪري عدالتي ڪٽهڙي ۾ بيهاري قانون مطابق سزا ڏياري وڃي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي شاهي سيد چيو ته مذهبي يا لساني ويڙهه نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ الائي ظلم ۽ رتوڇاڻ ڏٺي آهي، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ اسان لاءِ به ماءُ جو درجو رکي ٿي. هن چيو ته ڪي پي کان به وڌيڪ سنڌ جو امن عزيز آهي، صوبي ۾ ڪنهن جو به قتل نه ٿيڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *